خانپور ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني جي باهه، 3 ڏينهن اندر 7 وارداتون، 3 ڪلاڪ ڌرڻو

خانپور (رپورٽ عاصم دايو) خانپور ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني جي باهه ٻري وئي، ٽن ڏينهن اندر 7 ڦرلٽ جون وارداتون، تازن واقعن خلاف 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، انڊس هاءِ وي تي مختيار ڪار آفيس ڀرسان ٽن موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن مڱڻھار پاڙي جي رهواسي پهوڙ برادري جي چڱي مڙس الله رکيو عرف بابو پهوڙ جي ٻن پٽن الطاف خان پهوڙ ۽ محمد حنيف پهوڙ کي  يرغمال بڻائي ون ٽو فاءِ موٽر سائيڪل 53 هزارروڪ رقم، ٻه عدد موبائيل فون ۽ بيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثرن ۽ شهرين خانپور انڊس هاءِ وي جتوئي هوٽل ڀرسان ٽائرن کي باھ ڏئي احتجاج ڌرڻو هنيو، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، احتجاج ڪندڙن الله رکيو عرف بابوخان پهوڙ شھزاد خان پهوڙ ، الطاف خان پهوڙ، محمد حنيف پهوڙ، سائينداد پهوڙ عمران پهوڙ ۽ ٻين چيو ته خانپور پوليس جي لاپرواهي سبب ڦر جو واقعو پيش آيو آهي، خانپور پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي ۽ پوليس علائقي جا سمورا روڊ رستا ڏوهارين جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن، متاثرن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل روڪ رقم موبائيل فونون ۽ موٽر سائيڪل واپس ڪرايا وڃن، اي ايس پي سٽي فاضل شاھ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، جڏهن ته ڪنڌ ڪوٽ کان شڪارپور ويندڙ صحافي سلطان احمد ۽ عبد الشڪور کان چوئي شاخ وٽ لنڪ روڊ تي ھٿياربندن پاران ڪار کي رڪرائي روڪ رقم موبائيل سيٽ ڦر ڪيو ويو، ٽن ڏينهن اندر 7ڦرلٽ جون وارداتون ٿيون پر پوليس ڪي به قدم نه کنيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.