صوبائي وزير روينيو کاتي جي 11 آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر) 15 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو روينيو سسٽم هلائيندڙ آفيسرن کي معطل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ نگران صوبائي  وزير روينيو، ناڻي ۽ رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا پنهنجي روينيو واري کاتي جي  11 آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو آھي معطل ٿيندڙن ۾11 مختيارڪارن سميت هڪ مائيڪرو فلمنگ انچارج شامل آھي، معطل  ٿيل مختيارڪارن ۾ محمد انور ڪنڀار، رياض احمد مغيري، عبدالجليل بروهي، سميع الله جمالي، محمد اسلم شر، ذوالفقار علي مينگل، اعجاز الحسن، محمود رحمان قاضي، محمد ابراهيم جوڻيجو، عبدالحق ڇاورو ۽ آصف علي ڀنگوار شامل آهن، انهن سمورن آفيسرن کي عوامي شڪايتن تي معطل ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب معطل ٿيل آفيسرن مٿان الزام آھن ته انهن هزاري ايڪڙ زمين جي ڪاغزن ۾ هيرا ڦيري ڪري ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا جڏهن ته ڪجهه ڏينهن  نگران صوبائي وزير  4 سب رجسٽرار کي پڻ  معطل ڪري چڪو آهي.

  • پاڪستان مهانگائي ۾ نائيجيريا کي به پوئتي ڇڏي ڏنو

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان مهانگائي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر دنيا جو 18هون ملڪ بڻجي ويو، ٽريڊنگ اڪنامڪس جي انگن اکرن موجب پاڪستان نائيجريا ۽ لائوس کي  به پوئتي ڇڏي مهانگائي جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ 18هين نمبر تي اچي ويو آهي، پاڪستان ايشيا ۾ جهمپ ڏئي چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي جتي مهانگائي باقي سمورن ملڪن جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، ايران، شام ۽ لبنان ايشيا جا واحد ملڪ آهن جتي مهانگائي پاڪستان کان به وڌيڪ آهي، نائيجريا ۽ لاوس ۾ افراط زر جي شرح بالترتيب 24.08 ۽ 27.8 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 28.3 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي.

  • حب چيڪ پوسٽ ويجهو حادثو،هڪ ڄڻو فوت، 5 زخمي

حب(ن ع آ) حب کارڙي چيڪ پوسٽ ويجهو ٽريفڪ حادثو هڪ شخص اجل جو شڪار ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن . اجل جو شڪار ٿي ويل ۽ زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي ايڌي ايمبولنس ذريعي حب اسپتال جام غلام قادر منتقل ڪيو ويو آهي  جتي اجل جو شڪار ٿي  ويل شخص جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو جڏهن ته زخمين جو علاج جاري آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.