ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ جهنگ جو نظام مڙهيل آهي:رياض چانڊيو

حيدرآباد (رپورٽر) جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي جي سڏ تي  جبري گمشدگين جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سنڌ ۾ ٿيندڙ عدالتن کان مٿانهين قتل عام سنڌ ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ ۽ سنڌ مان کنڀيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جي سربراھ رياض علي چانڊيو، نواز شاھ ڀاڏائي، فتاح چنا، پنھل جمالي، نظير شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين کي خطاب ڪندي جسم چئيرمين رياض چانڊيو چيو ته ملڪ ۾ قانون ۽ آئين صرف نالي ماتر آھي، ھتي لاقانونيت ۽ جھنگ جو وحشي نظام پوري بي رحمي سان مسلط آھي، جنھن ۾ بنيادي انساني حقن جو تحفظ، نه ملڪ جي پارليامينٽ ٿي ڪري نه وري عدليا، سڄي سسٽم تي ڏوھاري قابض آھن، جن جو ڪم مافيائن جي صورت ۾ ھلي ٿو، سنڌ ۾ پوليس ۽ ٻيا سرڪاري ادارا ماڻھو کڻائي جبري طور گم ڪن ٿا، کين عدالتن ۾ پيش نٿو ڪيو وڃي، ڪورٽون صرف ڊگھين ٻڌڻين تي وقت ٽپائين ٿيون، کنڀي گم ڪيلن جا وارث عدالتي احاطن ۽ روڊن تي دربدر آھن، سنڌ ۾ مسلسل ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ بند ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.