اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي اعزاز سيد چيو آهي ته برگيڊيئر() طفيل جيڪو واپڊا چيئرمين سجاد غني جو دوست آهي،هن کي ڊي جي سيڪيورٽي بڻائڻ لاءِ قانون ئي تبديل ڪيو ويو، هن کي جنوري ۾ جي ايم واپڊا بڻايو ويو، ان لاءِ قانون تبديل ڪيا ويا، واپڊا جي زمينن، اسپورٽس، خريداري ، هيومن ريسورسز جا مسئلا به هو ڏسي ٿو، کيس 1100 يونٽ بجلي مفت ملي ٿي، ٻه وڏيون گاڏيون مليل آهن، لاهور ۾ گيسٽ هائوس ۾ هن لاءِ ٽي چار ڪمرا بڪ هوندا آهن، هن پنهنجي گهر کي ڪرائي تي وٺي اداري کان پئسا وصول ڪيا،هن پنهنجي ماڻهن کي نوازڻ لاءِ 62 گاڏين جا ٽينڊر جاري ڪرايا،هن چيو ته نگران وفاقي حڪومت نادرا جي چيئرمين جي مقرري لاءِ ضابطن ۾ تڪراري ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت حاضر سروس فوجي آفيسرن کي ان عهدي تي مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته حڪومت کي اها ترميم ڪرڻ جو اختيار نه هو ۽ نه ئي اليڪشن ڪميشن کان اجازت ورتي وئي هئي،جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو ته واپڊا، پي آءِ اي، نيب، اين ڊي ايم اي، پاڪستان اولمپڪس، پي ٽي اي، سپارڪو، چيئرمين سوئي سدرن گيس، اين ايل سي وغيره کان پوءِ ڇا هاڻي نادرا جو وارو آهي؟ڪا اهم مقرري ڪا اهم پوسٽ رهجي ته ناهي وئي؟