سائفر ڪيس، عمران خان جي جڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهنِ واڌ

اسلام آباد (م ڊ) سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان  جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جي تحت قائم ڪيل خصوصي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اٽڪ جيل ۾ ٿي. عمران خان جي ليگل ٽيم ۾ شامل سلمان صفدر، احمد مسرار ۽ انتظار پنجوٿا اٽڪ جيل ۾ موجود هئا. سيڪرٽ ايڪٽ جي تحت قائم ڪيل خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل جي اندر ٻڌڻي جو نوٽيفڪيشن گذريل ڏينهن قانون واري وزارت جاري ڪيو هو. قانون واري وزارت موجب سائفر ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ گهرو وزارت سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪيو هو. پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي واري فيصلي کي رد ڪندي سائفر ڪيس جي ٻڌڻي کليل عدالت ۾ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ذريعن موجب عمران خان جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جو ڪيس بڻجي ئي نٿو. وڪيلن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کان سياسي انتقام وٺڻ لاءِ سائفر ڪيس ٺاهيو ويو.

  • ڪراچي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ عدالت ٻاهران گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي  صدر حليم عادل شيخ کي پوليس عدالت ٻاهران گرفتار ڪري ورتو، حليم عادل شيخ وڏي عرصي تائين غائب رهڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتو ته پوليس جا اٽالا به پهچي ويا، حليم عادل شيخ 9 مئي جي واقعن واري ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ خلاف عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي، حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جا حڪم ڏئي چڪي آهي، حيدرآباد جي عدالت پاران جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا وڃن، حليم عادل شيخ جي درخواست تي وڪيلن چيف جسٽس سان چيمبر ۾ ملاقات ڪئي، چيمبر ۾ چيف جسٽس وڪيلن سان ڳالهائيندي چيو ته حليم عادل شيخ ڪٿي آهي، چيف جسٽس کي حليم عادل شيخ جي وڪيل وهاب بلوچ چيو ته سمورن ڪيسن ۾ ضمانت باوجود پوليس کيس گرفتار ڪرڻ آئي آهي، چيف جسٽس پوليس کي هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ڪنداسين، حليم عادل شيخ عدالت مان ٻاهر نڪتو ته پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو، حليم عادل شيخ گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ عدالت ۾ موجود رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.