ملڪ گير سطح تي بجلي جي اگهه ۾ واڌ خلاف ٽيڪسن لڳائڻ خلاف تحريڪ زور پڪڙي رهي آھي ڳالهه سول نا فرماني تائين پهچي چڪي آھي مهانگائي اڳ ۾ ئي عام ماڻھو جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آھي سڌا ٽيڪس عام ماڻھو تي مڙھيا ويا آھن تازو ئي پاڪستان ۾ بجلي استعمال ڪندڙن کي واڌو بل مليا آهن، جنھن جو وڏو ڪارڻ بجليءَ جي اگهن ۾ لاڳيتي واڌ ۽ گذريل مهينن جو ’فيول پرائس ايڊجسٽ منٽ‘ آهي. نتيجي طور عوام کي في يونٽ بجلي 50 رپين کان به وڌيڪ جي ملي رهي آهي.
آگسٽ جي بجلي جي بلن ۾ 15 رپيا في يونٽ تائين قيمت وڌي آهي.بجلي جي اگهه ۾ پهرين جولاءِ تي حڪومت ساڍا 7 رپيا في يونٽ واڌ ڪئي هئي، پر ان رقم جي مڪمل وصولي نه ٿي سگھي ھئي، جنهن تي آگسٽ ۾ کانئن ٻن مهينن جي گڏيل رقم ورتي وئي آھي. ان سان گڏ ’فيول پرائس ايڊجسٽ منٽ‘ جا في يونٽ 81 پئسا به بل جو حصو هيا.
عاصم علي رانا ٻڌايو آهي ته بجلي تي لاڳو ٿيل ٽيڪس به عوام کي پريشان ڪيو آهي. هڪڙي اندازي موجب هڪ سال ۾ بجلي استعمال ڪندڙن تي ڏيڍ هزار ارب رپين جو بار وڌو ويو آهي.بجلي استعمال ڪندڙ هڪ عام ماڻھو جو بل جيڪو پھرين ھڪ کان ٻن ھزار رپين جي وچ ۾ هوندو هيو سو اوچتو ئي اَٺ کان ڏھ هزار رپين تائين وڌي ويو آهي.پاڪستان ۾ عام واھپي جي شين جا اگھه گھڻا وڌي وڃڻ ڪري عوام مهانگائي جي مصيبت کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ مهانگي بجلي ۽ مهانگي تيل سندن ڏکيائين ۾ ويتر واڌارو ڪري ڇڏيو آهي.
في يونٽ بجلي گهڻي جي آهي؟بجلي جي اگهن ۾ تازي واڌ سبب ان جي قيمت 51 رپيا 70 پئسا في يونٽ ٿي وئي آهي.ان حوالي سان تجزيي نگار علي خضر جو چوڻ آهي ته بجلي جي هڪ يونٽ جي قيمت ۾ 31 سيڪڙو ٽيڪس ۽ ’فيول پرائس ايڊجسٽ منٽ‘ جون رقمون شامل آهن.هن چيو ته بجلي جي صارفين پاران ڏنل رقم ۾ فيول جي قيمت فقط 12 سيڪڙو ھوندي آھي، جڏھن ته باقي رقم ڪيپيسٽي پيمنٽ، ڪراس سبسڊي ۽ ٽرانسميشن توڙي ڊسٽري بيوشن جي مَد ۾ ادا ڪرڻي پوندي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن جي واڌ کي بنياد بڻائي پاڪستان ۾ بجلي جي قيمت هر ٿوري وقت کانپوءِ وڌائي وڃي ٿي. ماهرن موجب ان جو اثر فقط 12 سيڪڙو ھوندو آهي جڏهن ته ان لاءِ ’ڪيپيسٽي چارجز‘ جي 31 سيڪڙو ادائيگي ڪئي وڃي ٿي.’ڪيپي سٽي پيمنٽ‘ اُها رقم آهي جيڪا پاڪستان جي ڪُل پيداواري صلاحيت موجب ڏيڻي پوي ٿي.
پيداواري صلاحيت ڪيتري آھي؟پاڪستان ۾ هن وقت 44 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي.سخت گرمي ۾ به پاڪستان ۾ بجلي جي وڌ کان وڌ کپت رڳو 25 هزار ميگاواٽ تائين آهي، پر ھتي ترسيل (ڊسٽري بيوشن) جي ناقص نظام ۽ سپلائي جي پراڻين لائينن سبب اونھاري ۾ ملڪ جي وڏي حصي کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳڻو پوي ٿو.پاڪستان ۾ پنھنجي گهرج کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، پر ان ’واڌو پيداواري صلاحيت‘ جي ادائيگي به ڪيترا ئي ڀيرا وڌائي ڪرڻي پوندي آھي.اھڙي صورتحال ۾ بجلي ٺاھيندڙ ڪارخانن جو ’گردشي قرض‘ لاڳيتو وڌي رهيو آهي
مهانگي بجلي ۽ واڌو بلن خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرا جاري آهن. پاڪستاني ميڊيا ۾ خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن احتجاج ائين ئي جاري رهيو ۽ عوام بل جمع نه ڪرايا ته حڪومت جون معاشي مشڪلاتون وڌي وينديون. مظاهرا پرتشدد ٿيڻ جو عمل به شروع ٿي چڪو آھي جيڪو تيزي سان وڌي رهيو آھي احتجاج سبب بجلي سان لاڳاپيل ڪمپنيون ۽ سندن ملازم پڻ خوف ۾ مبتلا آهن. ڪمپنين پنھنجي اسٽاف جي حفاظت لاءِ صوبائي حڪومتن کان سيڪيورٽي جي گُھر ڪئي آهي
پاڪستان جي نگران وزيراعظم، انوارالحق ڪاڪڙ بجلي جي لاڳاپيل ادارن کي واڌو بلن ۾ گهٽتائي لاءِ ٻن ڏينهن اندر تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پر سندس ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪئي وئي آھي سندس چوڻ آهي ته ”اهو ممڪن ناهي ته عام ماڻهو مصيبت ۾ هجي ۽ آفيسر شاھي انھن جي ٽيڪس تي مفت بجلي استعمال ڪري.“عوامي احتجاج بابت ھڪ خاص اجلاس جي صدارت ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته جلد بازي ۾ ڪو قدم کڻڻ بدران اهڙا فيصلا ڪيا ويندا جن سان قومي خزاني تي بار نه پوي ۽ عوام کي رليف به ملي وڃي.هن لاڳاپيل ادارن کي ھدايت جاري ڪئي آھي ته مفت بجلي حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ ادارن جا مڪمل تفصيل ڏنا وڃن.
سوشل ميڊيا تي پڻ هڪ مهم هلي رهي آهي جنهن ۾ واپڊا ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي آفيسرن پاران مفت بجلي استعمال ڪرڻ خلاف مهم هلائي پئي وڃي. سوشل ميڊيا جي صارفين جو چوڻ آهي ته بيوروڪريسي ۽ واپڊا آفيسرن جا بل عوام ڇو ادا ڪن؟