رخشنده، توکي خبر پئي ھڪ ڳالھه جي.نه رضيه ڪھڙي ڳالھه؟ حڪومت ڪوٺن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.رضيه مذاق ٿي ڪرين.نه الا سچ ٿي چوان.رضيه اسان جو ته وري به گذارو ٿي ويندو پر پوءِ وزارت ۾ موجود ھي سڀ وڏا ماڻهو ڇا ڪندا، ڪنھن وٽ ويندا.توکي انھن جي ڳڻتي اچي لڳي آهي، انھن کي ڇاھي ڪاٿي به وڃي منھن ڪارو ڪن، مونکي پنھنجي پيٽ ۾ موجود ٻار جي ڳڻتي آ.ٻار ڪھڙو ٻار؟ ڪنھن جو ٻار؟رضيه، اسان جي پيٽ ۾ ڪنھن پيءُ جي اولاد ناھي ھوندو، انھن ٻارن جو پيءُ ناھي ھوندو . اھي گناھ جو اولاد سڏرائبو آھي.ھن ٻار کي يا ته ختم ڪري ڇڏبو آهي يا گناھ جي ڌٻڻ ۾ جياربو آھي.پوءِ رخشنده تون چوڻ ڇا پئي چاھين ؟رضيه آئون ھن ٻار کي پيدا ڪندم۽ پوءِ ھن کي تون ھن ڪني ڌٻڻ ۾ جياريندينءَ جنھن ۾ اسان روز مرون ٿا.
نه رضيه.پوءِ ڇا ڪندينءَ ھن حرام رشتي کي،؟ حلالي ڪري جياريندم.مطلب؟رضيه مون ھڪ فلاحي اداري واري مائي سان ڳالھايو آھي. مائي ٻين فلاحي ادارن وانگر ٺڳي ناھي نيڪ ۽ پرھيزگار مائي آھي. تمام گھڻي ايماندار ۽ سچي مائي آھي.ھن مون سان واعدو ڪيو آهي ته ھوءَ منھنجي حقيقت رضا حيدر کي ڪونه ٻڌائيندي.رضا حيدر ھي وري ڪير آهي ؟منهنجي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار ڀلا ؟توکي ڪھڙي خبر ته تنھنجي پيٽ ۾ ڇوڪرو آھي .مون الٽرا سائونڊ ڪرايو آهي.رضا حيدر نالو منھنجو پسنديده نالو آهي آئون ھي نالو پنھنجي پٽ کي ڏيندم. ماڻھن جي نظرن ۾ ھي حرام اولاد آھي گناھ آھي.پر حقيقت ته اھا آھي ته ھن معصوم کي ڪھڙي خبر گناھ ۽ ثواب جي . گناھ ته اسان ڪيو آهي، ھي ته پاڪ ۽ پوتر آهي. ھن پاڪ ۽ پوتر کان جيئڻ جو حق کسي اسان ويتر پنھنجي گناھن کي وڌايون ٿا.رخشنده پوءِ ڇا ھوءَ مائي رضاحيدر کي قبول ڪندي.ھا مون توکي اڳ ٻڌايو ته ھيءَ مائي ٻين فلاحي ادارن واري ماين کان مختلف آهي.ھن مون سان واعدو ڪيو آهي ته ھوءَ رضا حيدر پڙھائي لکائي وڏو ماڻھو ڪندي. ھن کي ڪڏھن احساس ڪونه ڏياريندي ته ھو گناھ جي پيداوار آهي.واھ رخشنده اھو ڪم ته بھترين ٿيندو. تو ٻڌايو ڪونه ته ھي ٻار توکي ڪنھن مان ٿيو آهي.ڇڏ رضيه ھن تي پردو رھي ته سٺي ڳالھه آهي. اسان وٽ حلالي ۽ باعزت ماڻهو ايندا آهن. جڏھن ھو اسان جي چوکٽ ٽپندا آھن ته اسان تي واجب ٿي ويندو آهي ته انھن جو پردو رکون ڇو جو ھو ٻاهر وڃي پنهنجي پردي رکڻ لاءِ اسان جو پردو به رکندا آهن.ڳالهھ ته سچ ٿي چوين رخشنده.رضيه ھن مائي جو نالو سڪينه آھي سڪينه مونکان منھنجو شناختي ڪارڊ ۽ فوٽو گھريو آھي.ڇو ھي سڀ شيون ھن توکان ڇو گھريون آھن جڏھن ته ھن توسان واعدو ڪيو آهي ته ھو تنھنجي شناخت رضا حيدر کان لڪائيندي.ھا بس ھن چيو ته ھي ڪجھه شيون قانوني ڪارروائي لاءِ رکيون وينديون آهن.بس رضيه ھن ڳالھه جي توکان سوا ڪنھن کي خبر ناهي سو هي منھنجي ھن راز جي پارت ھجئي.رخشنده اسان ھن بازار جون ننڍي ھوندي کان ساٿي آھيون، تنھنجو راز منھنجو راز آهي.منهنجي مٺي رضيه شل خوش ھجين ھميشه.پر رخشنده ھڪ ڳالھه سمجھه ۾ ڪونه ٿي اچي ته تو ھن کان اڳ ته الائي ٻار ضايع ڪرايا آهن پوءِ ھن کي پيدا ڪرڻ لاءِ ايترا ڪشالا ڇو ٿي ڪرين.خبر ناھي رضيه الائي ڇو ھن رت ۾ مونکي ھن جي ابي ڏاڏي جو حلالي رت محسوس ٿو ٿئي بس دل چاھي ٿي ته ھي پروان چڙھي وڏو ٿئي .بس ادي ڪجھه اھڙا راز ھوندا آھن جنھن جي خبر الله کي.
رخشنده، پٽ ڄڻي سڪينه جي حوالي ڪيو. رضا حيدر ھڪ صحتمند ۽ تمام خوبصورت ٻار ھو. شڪل ۽ صورت مان ڪنهن وڏي خاندان جو سپوت پئي لڳو.رخشنده، پٽ ته تمام سھڻو پيدا ڪيو اٿئي. ھا رضيه ھن جو پيءُ به سھڻو ئي ھيو.بس الله نصيب به سھڻا ڪندس.ھل ته ھاڻي گھر ھلون. ھا رضيه ھلو پر منهنجي دل رضا حيدر وٽ رھجي وئي آهي.مون سڪينه کي چيو آھي ته ڪڏھن موٽي نه ايندم پر مونکي موٽي اچڻ جي ضرورت ئي ڪانھي. منھنجو ته روح ھت رضا حيدر وٽ رھجي ويو آهي. رخشنده ماءُ ته ماءُ ھوندي آھي نه ماءُ ته حرامي ۽ حلالي ناھي ھوندي مٺي.بس ھاڻي جلدي ھل نه ته منهنجي دل مٽجي ويندي ۽ رضا حيدر کي سڪينه کان واپس گھري وٺندم.رضيه مونکي ھاڻي ھن شھر ۾ ناھي رھڻو ھل ته ڪنھن ٻئي شھر ھلون . رضيه ۽ رخشنده ڪٿي ويون ڪھڙي پاسي ويون ڪنھن کي خبر نه پئي
.نواب روحيل خان شھر جو ھڪ وڏو رئيس ۽ ڄاتل سڄاتل شخصيت ھئي. ھڪ عزت دار گھراڻي سان تعلق رکندڙ جنھن جي ماين جو غير مردن جي آڏو اچڻ عيب سمجهيو ويندو آهي.نواب روحيل جي پوري خاندان ۾ پٽ جو اولاد ڪنھن وٽ نه ھو پاڻ ٻه شاديون به ڪيون پر پٽ نه ٿيس . خاندان کي وڌائڻ لاءِ پٽ جو اولاد ضروري ھيس. ڪنھن ھن کي سڪينه جو ڏس ڏنو . سڪينه کي خوشي ٿي ته رضا حيدر کي هڪ خانداني گھر ملي پيو ھن رضا حيدر کي روحيل جي آڏو رکيو نواب روحيل، رضا حيدر کي ڏسي حيرت وچان چوڻ لڳو ته اھڙو سھڻو ٻار به مائٽ فلاحي اداري ۾ ڏئي ويا. سڪينه خاموش ٿي وئي ڇا ٻڌائي ته ھن جو ڏوھ مائٽن جو گناھ آھي.۽ ھن گناھ جي پاداش ۾ ھي معصوم سزا ٿو ڏسي. رضا حيدر روحيل جي گھر ۾ بھترين پرورش ٿو ماڻي . ھو ڪمشنري جو امتحان پاس ڪري شھر جو ڪمشنر ٿئي ٿو. سڄي شھر ۾ رضا حيدر جي تعريف ھئي. ماڻھو سندس ديوانا ھيا. ھن جي ھڪ نظر ڏسڻ لاءِ ڇوڪريون آيتون هونديون ھيون .
سردار فيض محمد خان ھڪ شان وشوڪت واري خاندان سان تعلق رکندڙ ماڻھو ھيو. سندس ڌيءَ رضا حيدر جي عشق ۾ مبتلا ٿي وئي. سندس ھڪ ئي ڌي ھئي جنھن کي ھن پيار ۽ محبت سان وڏو ڪيو ھيو. ھن پنھنجي ڌيءَ جي خواهش کي پورو ڪندي نواب روحيل کان سندس ڌي جي رشتي جي آڇ ڪئي. سردار فيض محمد لاءِ مشھور ھيو ته ھو خاندان تي ڪمپرومائيز ڪونه ڪندو ھو ۽ نواب روحيل جو خاندان شھر جي اعلي خاندانن ۾ شمار ٿيندو آهي ان ساک جي پڪ سردار فيض محمد کي ھئي. رشتي جي حامي ڀرڻ کان اڳ نواب روحيل سردار فيض محمد جي طبيعت موجب ھن کي زندگي جي ھڪ سچ کان آگاھ ڪرڻ پنھنجو فرض سمجھيو ۽ اھو سچ ڏکوئيندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ ھيو.سردار صاحب اوھان سان رشتي داري کان اڳ اھو ٻڌائڻ لازمي سمجھان ٿو ته حيدر رضا جي حقيقت کان واقف ڪيان حيدر کي مون ھڪ فلاحي اداري مان کڻي پاليو آهي.
هان! ھي ڇا ٿا چئو ؟جي سردار صاحب اھائي حقيقت آهي.توهان کي خبر آهي ته فلاحي ادارن ۾ الائي ڪھڙا ڪھڙا گند، ڪنا ۽ بدڪردار ماڻھو ڦٽي ڪري ويندا آهن. اوھان عزت دار خاندان جا ماڻھو الائي ڪھڙي گند کي پنهنجي گھر ۾ وڏو ڪيو آهي. الائي ھن جو پيءُ آهي الائي نه. جيڪڏهن ھجي به ته الائي سندس خانداني پس منظر ڇا ھجي. بس سردار صاحب بس آئون رضا لاءِ ھڪ لفظ به غلط ٻڌي نٿو سگھان ھي مونکي پنهنجي سڳي اولاد کان وڌيڪ پيارو آهي.پر مونکي منهنجي ڌي به تمام گھڻي پياري آهي مونکي اولاد ڪونه ٿيو. مون پنهنجي ڀاءُ کان ھن کي وٺي ڪري پاليو آهي پر منھنجو ساھ ھن ۾ آھي. پوءِ سردار صاحب ڇا مرضي آھي اوھان جي. نه ڪجھه به ٿي پوي مان ھڪ حرام جيڪو الائي ڪھڙي حرامي جو ٻار ھجي ھن کي پنھنجي اعلي خاندان جو حصو ڪونه ٿيڻ ڏيندس.بس جپ ڪريو، سردار فيض محمد مان ان کان وڌيڪ ھڪ لفظ به ٻڌڻ پسند ڪونه ڪندم.اوھان ھاڻي وڃي سگھوٿا.
سردار فيض محمد ڌي آڏو مجبور ٿي فلاحي اداري جي ميڊم سڪينه سان ملڻ ھلي ويو ته جيئن ھو رضا حيدر جي باري ۾ معلومات وٺي سگھي. ٻڌ سڪينه توکي اسان جي خاندان جي شان شوڪت، عزت ۽ مرتبي جي خبر آهي مونکي سچ ٻڌاءِ ته رضا حيدر ڪنھن جو پٽ آهي.سائين مون ڪنھن سان واعدو ڪيو آهي ته مري وڃان پر ڪنھن کي ڪجهه نه ٻڌائيندم .سڪينه هي زندگي ۽ موت جو سوال آهي، توکي سچ ٻڌائڻو پوندو. ٺيڪ آھي سائين مان وڌيڪ ڪجھه نه ٻڌائيندم بس ايترو چوندم ته ھي حلال ۽ عزت دار گھراڻي جو ھڪ حرام پٽ آھي مطلب ؟ھي ڏسو ھن جي ماءُ جيڪا ھڪ ڪوٺي جي طوائف آھي. پر هوءَ هزارين پردي دار ۽ خانداني ماين کان لک دفعي ڀلي آھي جيڪي پنهنجي گناھن کي ڪنھن ڪچڙي جي ڪونڊيءَ ۾ ڦٽو ڪري، ڪوڙي زندگي گهرينديون آهن.
وري به مونکي ڏيکار ان عورت جو فوٽو !فوٽو ڏسي ھن جي وات مان رڙ نڪري ويندي آهي. رخشنده ھيءَ ته رخشنده آھي.ڇا توهان سڃاڻوس ٿا.نه نه مونکي ناھي خبر ته ھي ڪير آھي.پوءِ سائين اوهان ڇرڪ ڇو ڀريو. مون ته شناختي ڪارڊ ۾ رڳو سندس نالو پڙهيو ڇرڪ ته ڪو نه ڀريو. ڀلو ڪري الله نواب روحيل جو جنھن ھن کي پالي تاتي وڏو ڪيس . پيءُ ته الائي ڪير اٿس، حرامي حلالي پر اسان جو رضا حيدر ته حلالي پٽ ٿي ملڪ جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهي.سائين اوھان کي اڃان به ڄاڻ کپي ته سائين روحيل کان وڌيڪ معلوم ڪري سگھو ٿا.نه مونکي ڪنھن کان ڪجھه ناھي پڇڻو . سردار فيض محمد خان وڏا قدم کڻي فلاحي اداري مان نڪري ويو.