بجلي ته رڳو بھانو آھي!

تحرير: عاصمھ شيرازي

منظر تي نظر ايندڙ  دونھين جي پويان باھ ڪٿي لڳي آھي.اھا ڪنھن کي نظر نٿي اچي، باھ ڪيئن لڳي ان تي غور ڪرڻ جو ڪنهن وٽ وقت ناهي.جيڪو نظر ۾ آھي اھو  منظر ناھي ۽ جيڪو منظر آھي ان جو پس منظر ڇا آھي.پتو ناھي ! پر ان تي نظر اوچن اٿندڙ شعلن تي نھ پر چنگارين ۽ اماڙين تي رکڻي پوندي.بجلي جي بل ۽ ٻين بلن  جي نالي تي استحصال تھ خبر ناھي ڪڏھن کان ٿي رھيو آھي.پر بي چين ٿيل عوام کي مهانگائي ۽ نا رسائي جو ڪرنٽ لڳو تھ اهو احتجاج منظر عام تي اچڻ لڳو جيڪو شايد اڳ ۾ نظر نھ اچي ھا.

هي جھٽڪو بجلي جو ناھي جناب، اھو اظھار ان استحصال جو آھي.جيڪو گذريل ڪيترن سالن کان پاڪستان جي عوام سان ٿي رهيو آهي.خدشن جي طوفان کان  الامان الحفيظ جي لاءِ دعا گهرندي،طوفان جي هتي ئي رڪجڻ جي خواھش آھي. پر ستارا ڪجهه ٻيو ئي ٻڌائي رھيا آهن.وقت سالن کان پرورش ڪندو آھي.حادثو يڪدم نٿو ٿئي.

زير زمين ڪيتريون ئي فالٽ لائينون متحرڪ آهن ۽ جيڪڏهن توهان ڏسندا ته گذريل ڪجهھ ڏينھن کان اھي سڀ فالٽ لائينون  فعال ٿي چڪيون آهن.ائين نھ ٿئي،پر ڪو هڪ شعلو يا چنگاري آتش فشان کي ڇيڙي سگهي ٿي. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾  ھڪ ٻئي جي تسلسل ۾ لڳاتار اهڙا واقعا ٿيا آھن.جن سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته  اهو سلسلو رڪجندو تھ ڪٿي رڪجندو ؟

جڙانوالا ۾ جنھن انداز ۾ مسيحي آباديءَ کي باهه ڏني وئي، ائين تھ تاحال ايئن ڪڙيون تھ ناھين جوڙيو ويون ۽ نه ئي سمورن ملزمن کي گرفتار ڪيو ويو آھي.ان ھوندي اھو  سوال پنهنجي جاءِ تي اهم آهي ته انتظاميھ جي نڪ جي ھيٺان عيسى نگري جو واقعو آخر ڪيئن ٿيو؟  ڪنهن ڪيو ؟ ۽ مستقبل ۾ ان کي ڪيئن روڪيو ويندو؟

مملڪت جي اقليتن جي عدم تحفظ ۽ عالمي سطح تي حساس فالٽ لائن تي آيل زلزلي کان پوءِ ،الائي چيئر لفٽ ۽ ان سان لاڳاپيل پروپيگنڊا ففٿ جنريشن وار فيئر ۽ ورهائڻ واري لڪير کي اهڙي طرح اجاگر ڪيو جو ’اسان بمقابله هو‘ جھڙي ورهاست ڌڪ سان  دماغ کي اڏائي ڇڏيو.

رياست ۽ عوام وچ ۾بظاھر فرق ۽ ورھاست کي ھوا ڏيندڙ ’اڳوڻا اثاثا‘ ڪيتري حد تائين ڳرن  هٿيارن سان ليس آهن ۽ اهي هٿيار ايئن استعمال ٿيندا اھا خبر نھ ھئي.ڇا ڪجي جو استعمال جو ھنر خود  رياست پنھنجي ھٿن سان ڏنو آھي.

ٽين فالٽ لائين مذهبي نفرت ۽ فرقيواريت جي ھئي، جنهن جو اظهار سماجي رابطن جي پليٽ ميڊيا  تي ايترو  تيزيءَ سان پکڙيو يا پکيڙيو ويو جو حالتن جي سنگيني جو اندازو شايد ھن وقت تائين نھ ٿي سگھيو آھي.گذريل حڪومت پاران ڪيل قانونسازي وڌيڪ ورهاڱي جو سبب بڻي ۽ ايئن لڳو پيارو وطن 90 واري ڏهاڪي ۾ وڃي بيٺو آھي.

سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ مذهبي نفرت جو ديو  ڪيتري قدر، بي قابو ٿي سگهي ٿو، ان جو اندازو گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٿي چڪو  آهي.توھين،توھين جي صدائن ۾ ھاڻي ڪنھن ڪنھن تي فتوائون لڳايون وينديون، جيئن هاڻي مفتي صاحب پاڻ به فتوائن جي اثر هيٺ آهن. تازي ان سلسلي جي هڪ ايف آءِ آر، ايندڙ ڏينھن جو اشارو ڏنو آهي.

هن فالٽ لائين تي ايندڙ زلزلن جي ذميواري ڪنھن ڪنھن تي لاڳو ٿيندي ؟ مسلم ليگ ن، اتحادي ۽ تحريڪ انصاف سميت سمورين سياسي پارٽين کي جوابدھ ٿيڻو پوندو. ڪافر، ڪافر، مرتد،مرتد  جي فتوائن کان ڪير بچي سگھندو، ان فالٽ لائين جي زلزلي جي شدت هينئر کان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿي.

بجاءِ ان جي، تھ رياست ماضي جي پاليسين کي درست ڪري ھا،  هڪ وڌيڪ بارودي سرنگ جو انتظام ڪيو ويو آھي.افسوس جو  اسان ماضيءَ کان ڪجهه ناھي سکيو ۽ نه ئي ڪجهه سکڻ جي خواهش رکون ٿا. زير زمين وڇائل انھن بارودي سرنگن کي وڏي محنت سان وڇايو ويو آهي ۽ ماضي ۾ رياست ان حوالي سان ڪافي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري بھ ڪئي آهي.انتھا پسندي کان وٺي فسطائيت تائين، اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار نمايان بھ ۽ تڪراري بھ آهي.اھو ڏسڻ جي اڄ بھ گھرج آهي ته  ھاڻي انھن فالٽ لائينن کي آھستي آھستي تيلي  ڪير  ڏيکاري رھيو آھي. احتساب جي هن دور ۾ انهن سڀني ڪردارن جو احتساب ٿيڻ ضروري آهي، جن پنهنجي ذاتي مفادن خاطر رياست کي پٺ مان ڌاڙو ھنيو آھي.

عجيب صورتحال آهي ته چونڊن ڏانھن وڌندڙ پاڪستان اڄ ھن طرح سان ڏکيائن جو شڪار آھي جو چونڊن جي مرحلن مان گذرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. آئين تي عمل ڪرڻ جي لاءِ چونڊون جلد کان جلد ڪرائڻ ھڪ ضرورت آهي ته ٻئي طرف چونڊون خود ھڪ آزمائش آهن. چونڊون ڪرائڻ به مشڪل آهي ۽ نه ڪرائڻ جي صورت ۾ اولھه جي ملڪن جو دٻاءُ هڪ جدا نھ سمجھه ۾ ايندڙ ڪٿا بڻجي وئي آهي.

ان سموري مرحلي ۾ بھرحال سياست کي اڳتي اچڻو پوندو، سياسي پارٽيون ڪنوار جيان گھونگھٽ ڪري لڪي ويون آھن.ائين تھ  پوءِ ورهاست ۽ ورهاڱي  جي وڇوٽي اڃا پڻ وڌيڪ وڌندي. بنا قيادت جي ھجوم ايئن  روڊن تي رهيو ته افراتفري ۽ وڳوڙ وڌي سگھي ٿو.معاشي، سماجي، مذهبي، سياسي ورھاست۽ اڻ برابري اهڙيون  فالٽ لائينون آهن، جيڪي هميشه موجود  هيون آهن پر ڪڏهن به ايتريون متحرڪ نه ھيون، جيتريون اڄ آهن. ورهاست جا سمورا بيانيا مضبوط ٿي رهيا آهن، اتحاد جو ڪو به علم بلند نھ پيو ٿئي.

نفاق ۽ نفرت  جو پوکيل ٻج هاڻي طاقتور وڻ بڻجي ويو آهي، ناانصافي جو فصل پچي راس ٿي ويو آهي، سماجي الميا حادثا ٿي رهيا آهن، پر انهن سڀني جو حل صرف اظهار ۽ جمهوريت ۾ آهي، آئين ۽ قانون تي عملداري ۾ آھي، سياسي پارٽين جي عوامي رابطن ۾ آهي.جيڪڏهن ان تي عمل نه ٿيو، تھ شايد منھنجي ڳالھھ درست نھ ٿئي پر، سالن کان پرورش ڪيل حادثا الميو بڻجي سگهن ٿا. آئين تي عمل ۾ ئي مملڪت جي بقا آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.