ميھڙ(رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ڀرسان شاھ پنجو پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ سندو خان لاکير مان گذريل رات مبينه طور ٻن موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل 28 ورھين جو نوجوان صدام پٽ حاڪم لاکير جي آزادي لاءِ وڏي تعداد ۾ لاکير برادري جي مردن ۽ عورتن پاران ٽريڪٽر ٽرالي ڀري ميھڙ پھچي انڊس ھاءِ وي اٽڪ پمپ وٽ ڌرڻو ھنيو، مظاھرين انڊس ھاءِ وي تي ٽائرن کي باھيون ڏئي رڪاوٽون رکي نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڌرڻي سبب انڊس ھاءِ وي تي لاڙڪاڻي ڪراچي ۽ ٻين شھرن ڏانھن ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاھرين مسلسل نوجوان صدام لاکير جي آزادي جي گھر ڪندا رھيا مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ معشوق علي ، صداقت ، صدر الدين ، مغوي جي امڙ نوربانو، رضيا ۽ ٻين دانھيندي چيو ته گذريل رات دادو ڪئنال ڀرسان ھٿياربند نوجوان صدام لاکير کي اغوا ڪري ويا آھن جنھن جو اطلاع پوليس کي ڏنو پر پوليس ان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪو به تحرڪ ناھي ورتو، اسان کي خدشو آھي ته ھٿياربند نوجوان کي قتل نه ڪري ڇڏين نوجوان جي اغوا بابت شاھ پنجو پوليس ڪو به ڪيس داخل ناھي ڪيو نه ئي وري نوجوان جي آزادي لاءِ ڪو تحرڪ ورتو، پوليس موجب 2 سال اڳ اغوا ڄاڻايل نوجوان صدام جي والد کي به ذاتي دشمني تان قتل ڪيو ويو ھو جنھن جو ڪيس ميھڙ جي عدالت ۾ پڻ ھلندڙ آھي، جڏھن ته ٽن ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد نئون مقرر ٿيل ايس ايڇ او صغير جھتيال مظاھري واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري نوجوان جي آزادي ۽ کيس ڪيس داخل ڪرڻ جي يقين ڌياني بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.