اسد شاهه جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، ڪيس اي ٽي سي ۾ هلايو وڃي: جاچ آفيسر

راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر ) فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه جو ٻارنهن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ سول جج جوڊيشل مجسٽريٽ محمد عظيم سولنگي جي عدالت ۾ ٻيهر پيش ڪيو ويو، عدالت  جوابدار کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي  ڪري ڇڏيو، ڪيس جي انويسٽيگيشن آفيسر ايس ايڇ او بچل قاضي عدالت سڳوري کي استدعا ڪئي ته هي ڪيس هاءِ پروفائل ڪيس ٿي چڪو آهي هن ڪيس کي دهشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ هلايو وڃي جيڪي عدالت  سڳوري ۾ جيڪي انويسٽيگيشن رپورٽون ڏنيون ويون آهن اهي واپس ڏنيون وڃن ته جيئن دهشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ ٽرائل ڪيو وڃي جنهن  تي عدالت سڳوري سندن موقف ٻڌڻ کا پوءِ هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي جوابدار پير اسد شاھ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته انويسٽيگيشن آفيسر بچل قاضي جج صاحب کي چيو ته جوابدار موبائيل جو پن ڪوڊ نٿو ڏي تعاون نٿو ڪري، جڏهن ته جوابدار اسد شاھ عدالت کي ٻڌايو ته پوليس وڙھي رهي آھي جنھن تي جج صاحب چيو ته مارڻ جا نشان ڏيکاريو نشان نه هجڻ سبب  جج صاحب جوابدار کي هدايت ڪندي چيو ته شاھ صاحب پوليس سان تعاون ڪر جنهن تي پوليس کي هڪ ڏينهن جو ريمانڊ ڏنو ويو جڏهن ته فريادي شبنم ڦرڙو جو ڪيس نثار ڀنڀرو مس بختاور شيخ لائرز فورم ايڊوڪيٽ صفيه لاکو ايڊوڪيٽ سهيل ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان کان پهريان انويسٽيگيشن آفيسر درخواست ڏني ته هي ڪيس هاءِ پروفائل ڪيس آھي ان کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو وڃي اسان جو ڪم ڪيس چلان ٿيڻ کانپوءِشروع ٿيندو 164 جي درخواست جي ڪابه حيثيت ناهي جڏهن ڪيس هلندو پوءِ به ايتري اهميت ناهي آءِ او جي درخواست کانپوء عدالت نوٽيس ڏنو جنهن جي اڄ  ٻڌڻي ٿيندي جنهن تي اسد شاھ کي هڪ ڏينهن جو ريمانڊ ڏنو ويو آهي، ڀلي ڪيترا به ڪيس الڳ الڳ پيش ٿين پر ڪيس سڀ گڏ هلندا، موبائل جو پن ڪوڊ نٿو ڏنو وڃي جنھن ۾ ڪيترائي راز ٿي سگهن ٿا، عدالت سڳوري جوابدار کي تعاون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آھي، حنا شاھ پير فياض شاھ روپوش آھن  انھن کي به گرفتار ڪري جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

  • فاطمه ڦرڙو ڪيس کي دٻائڻ جي ڪوشش ٿئي پئي: سنڌو نواز

ڪنڊيارو (رپورٽ: محمد سومر گهانگهرو) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌونواز گهانگهرو چيو آهي ته  راڻيپور ۾ بيدردي سان  قتل ڪيل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪيس کي دٻائڻ جي ڪوشش ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آھي، پريا ڪماري ۽ ٻين جو اغوا انتظامي نااهلي جو نتيجو آهي، سنڌو نواز گهانگهرو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته راڻيپور جي حويلي ۾ معصوم فاطمه ڦرڙو کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو، نينگري فاطمه ڦرڙو جي قاتل اسد شاهه ۽ ٻين جوابدارن خلاف داخل ڪيس کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نينگري فاطمه جي قتل جون حقيقتون لڪائڻ وارن جوابدارن کي آزاد ڪرڻ ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ جي پهرئين ڪڙي آهي، ناظم جوکيو جي والدين کي خوفزده ڪري ڪيس تان هٿ کڻايو ويو، اهڙي طرح فاطمه جي وارثن کي خوفزده ڪري انهن کي به خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس جي جاچ شڪي آهي، هن چيو ته پريا ڪماري ۽ ٻين کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو آهي، ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا حڪومت ۽ انتظاميا جي نااهلي آھي، سنڌو نواز اعلان ڪيو ته فاطمه ڦرڙو ۽ جان محمد مهر جي ڪيسن ۾ جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ ڪا به دير برداشت نه ڪئي ويندي،قاتلن جي گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيو ڀيرو قومي شاهراهه ٻٻرلوءِ بائي پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو.

  • فاطمه ڪيس ۾ ڊارڪ ويب جي ڪردار جي جاچ ڪيون پيا: حارث نواز

خيرپور (س ر) نگران گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته فاطمه قتل ڪيس کي آخري انجام تي پهچائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته واقعي  ۾ ڊارڪ ويب جي ڪردار جي جاچ به ڪري رهيا آهيون، حارث نواز پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته فاطمه قتل ڪيس ۾ ڪا به سودي بازي ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪيس جي مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اسد شاهه جي زال عدالت مان ضمانت ڪرائي، حارث نواز چيو ته فاطمه قتل ڪيس ۾ بهترين جي آءِ ٽي جوڙي آهي، جوابدار کي راڻيپور پوليس اسٽيشن کان خيرپور پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته حويلي مان ٻن عورتن ۽ ٻارڙن کي بازياب ڪرايو آهي، هڪ ٻارڙي گم آهي، جنهن جي جاچ ڪري رهيا آهيون، اهو به ڏسي رهيا آهيون ته واقعي ۾ ڊراڪ ويب جو ڪردار ته شامل ناهي،

  • فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس، اسد شاهه جي ڊرائيور مٿان ڪيس داخل

راڻيپور (ن ع آ) فاطمه ڦررڙو جي قتل وارو معاملو راڻيپور پوليس حراست ۾ ورتل  اسد شاهه جي ڊرائيور اعجاز قاضي تي سھولتڪاري جو  ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جوابدار اعجاز قاضي کي سول جج مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڪورٽ سڳوري هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حولي ڪري ڇڏيو، فاطمه ڪيس معاملو سرڪار جي مدعيت ۾ ايس ايڇ او بچل قاضي جي فرياد تي راڻيپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس ڄاڻايو  آهي ته اسان گشت ڪري رهيا هئاسين ته اطلاع مليو ته گهربل جوابدار حنا شاهه پير فياض شاھ کي ڪنهن نامعلوم هنڌ ڇڏي آيو آھي ابل واھ پيرن واري پل وٽ  پوليس کي ڏسي گھٻرائجي ويو، پڇا ڳاڇا ڪئي ته هن پنهنجو نالو اعجاز قاضي ولد خان محمد قاضي ٻڌايو اسان هن کان جوابدار فياض شاهه ۽ حنا شاهه بابت پڇا ڪئي ته هن ٽال مٽول ڪئي، جوابدار فاطمه ڪيس ۾ سهولت ڪاري ڪئي آهي جنهن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.