ڪراچي(رپورٽر) سنڌ بورڊ آف روينيو جي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ۽ ناقص ڪارڪردگي تي 4 سب رجسٽرارن کي فوري طور تي معطل ڪيو ويو آهي، نگران خزاني ۽ روينيو کاتن جي وزير محمد يونس ڍاڳا جي هدايت تي انسپيڪٽر جنرل رجسٽريشن 4 سب رجسٽرارن ڪراچي جي جمشيد ٽائون 2 جي سب رجسٽرار طارق حسين مگسي، جمشيد ٽائون هڪ جي سب رجسٽرار عبدالرزاق ڏاهري، گلشن اقبال جي شڪيل احمد ميمڻ، ۽ گلشن اقبال ٽو جو سب رجسٽرار شهاب الدين شاهه کي معطل ڪيو آهي، انهن سب رجسٽرارن کي ڪيس التوا جو شڪار ڪرڻ، آفيسن مان غير حاضري ۽ هيرا ڦيري تي معطل ڪيو ويو آهي، معطلي دوران عملدارن انسپيڪٽر جنرل رجسٽريشن حيدرآباد جي ماتحت رهندا.