بجلي بلن خلاف ملڪ گير هڙتال عوام جي دل جو آواز آهي:محنتي

ڪراچي/ٽنڊوالهيار (رپورٽر+ن ع آ)  جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته بجلي بلز ۾ ظالماڻي  اضافي خلاف2 سيپٽمبر تي ملڪ گير هڙتال عوام جي دل جي آواز آهي، حڪمران آءِ ايم ايف جي غلامي ۾ عوام مٿان مهانگائي جي بمباري، پيٽرول ۽ بجلي قيمتن ۾ لاڳيتو اضافو ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، سڀئي ٽيڪس ۽ قربانيون رڳو عوام لاءِ باقي حڪمران ۽ اشرافيه کي مڪمل ڇوٽ مليل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊوڄام ۾ رٿيل يومِ تاسيس جي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي امير جو وڌيڪ وڻ هو ته حڪومتي رٽ نه هئڻ جي ڪري سڄي سنڌ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهي، سراج الحق جي اڳواڻي ۾ اڄ (30) آگسٽ تي ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.