ڪراچي( رپورٽر) رپئي جو ملهه ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ڊالر مهانگو ٿي ويو، اسٽاڪ مارڪيٽ وياج شرح ۾ واڌ جي امڪان سبب ڪري پئي. اسٽاڪ مارڪيٽ ڪري پئي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾708 پوائنٽون ڪري پيون، مارڪيٽ 47 هزار جي نفسياتي حد کان هيٺ اچي وئي. ملڪ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري رهيو. انٽر بئنڪ ۾ هڪ ڊالر هڪ رپيو 6 پئسا مهانگو ٿي 303 رپيا 5 پئسا تي بند ٿي ويو. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپين جي واڌ کانپوءِ 322 رپين جو ٿي ويو. انٽر بئنڪ ۾ هڪ ڊالر هڪ رپيو 6 پئسا مهانگو ٿي 303 رپيا 5 پئسا تي بند ٿيو جڏهن ته انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 301 رپيا 99 پئسا تي بند ٿيو.اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپين جي واڌ کانپوءِ 322 رپين جو ٿي ويو. هوڏانهن رضا جعفري چيو ته ڪي ايس اي ٽيڪنالوجي اسٽاڪ ۾ ڪمزور واپسي سبب گر ٿي، سياسي ۽ معاشي غير يقيني صورتحال جذبات تي وڌيڪ وزن رکي ٿي. نٽرمارڪيٽ سيڪيورٽيز جي هڪوئٽيز جي سربراهه رضا جعفري وڌيڪ چيو ته محرک جي غير موجودگي، بشمول ايندڙ آءِ ايم ايف جو جائزو ڪيترن ئي مهينن کان پري، سيڙپڪاري جي ماحول کي وڌيڪ نقصان پهچائي رهيو آهي.