ڪراچي ۾ ڪاروباري شخصيت انجينئر اسلم چانڊيو يرغمال، ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر

ڪراچي( رپورٽر  ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر جي پرفيوم چوڪ تي مشهور آرٽسٽ ۽ ڪاروباري شخصيت انجنيئر اسلم  چانڊيو يرغمال، ڪار ۽ ٻيو سامان ڦر، انجنيئر اسلم چانڊيو شاهراهه فيصل ٿاڻي تي اهڙي رپورٽ به داخل ڪرائي ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ هن ڄاڻايو آهي ته گلستان جوهر جي پرفيوم چوڪ تي هوٽل تي مظفر گهمرو سميت 7 ڄڻن ڪاروبار جي معاملي تان يرغمال بڻائي ڪار، ڪاغذ ۽ 15 -15 لک رپين جا ٻه چيڪ صحيح ڪرائي ڦري ويا، ان دوران هنن سڃاڻپ ڪارڊ ڦرڻ سان گڏ خالي قسم نامي تي صحيح به ڪرائي، اسلم چانڊيو آءِ جي پوليس ۽ انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي کيس انصاف ڏياريو وڃي.

  • بجلي معاملي تي اسان عوام سان گڏ بيٺا آهيون: شيري رحمان

اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ واڌ تي عوام سان گڏ بيٺا آهيون.ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدي بابت ڪجهه چوڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون.هن چيو ته موجوده حڪومت کي آءِ ايم ايف معاهدي تي به ڳالهه ڪرڻ گهرجي،هن وڌيڪ چيو ته بجلي جي بلن ۾ لڳايل سمورا اضافي چارجز رڪارڊ ٽوڙي رهيا آهن، بجلي جا بل عوام جي پهچ کان ٻاهر آهن. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي جي چارجز رکي ٿو، عوامي مسئلن کي پوئتي نه ڇڏيو وڃي.چيف اليڪشن ڪمشنر سان پ پ وفد جي ملاقات تي شيري رحمان چيو ته اليڪشن ڪميشن سان خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي، اسان سمورا خدشا سامهون رکيا آهن.هن چيو ته آئين ۾ ترجيح تڪ بنديون نه پر 90 ڏينهن جو مدو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.