ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ڪلفٽن جي علائقي ۾ غيرقانوني اڏاوت جي خلاف درخواست شهري فاضل شاهه ڪاظمي کي ڳچي ۾ پئجي وئي، عدالت شهري جي 3 سالن جي انڪم ٽيڪس جا گوشوارا طلب ڪري ورتا آهن، عدالت شهري جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو موئڪل ڇا ڪندو آحي، جيڪڏهن طريقيڪار هوندو ته چئن کانپوءِ 40 ۽ پوءِ 4هزار درخواستون ٿي وينديون، عدالت چيو ته سمورو عائقو اوهان جي نظر ۾ آهي.
-
ٽڪ ٽاڪر مسڪان سميت چئن ماڻهن جو قتل، جوابدار عدالت ۾ پيش، سرڪاري شاهد طلب
ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سائوٿ جي عدالت ۾ ٽڪ ٽاڪر مسڪان سميت چئن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جيل پوليس مرڪزي جوابدار رحمان عرف شوٽرکي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ضمانت تي آزاد جوابدار سويرابه پيش ٿي، جوابدارن جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، وڪيلن جڊيشل مئجسٽريٽ جي پڇاڻي تي دليل مڪمل ڪري ورتا، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان ڪيس پراپرڻي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4سٽيمبر تائين ملتوي ڪري سرڪاري شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.