ڪراچي جي واپارين مهانگائي ۽ بجلي بلن خلاف پهرين سيپٽمبر تي هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي واپاري برادري مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف پهرين سيپٽمبر تي شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. جمعي تي شهر قائد جون سموريون بازارون مڪمل بند رهنديون.ڪراچي  ۾ مشاورتي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي واپارين پاران متفقه طور تي هڙتال جو اعلان ڪيو ويو.اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪراچي اليڪٽرڪ ڊيلرز ايسوسي ايشن جي صدر رضوان عرفان چيو ته ڪراچي ۾ مشاورتي اجلاس کانپوءِ متفق طور فيصلو ٿيو ته پهرين سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ ڪو به دڪان يا بازار کليل نه هونديواپاري اڳواڻ عتيق مير چيو ته اڄ هڙتال جي فيصلي تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي. اسان هڙتال جي معاملي تي متحد آهيون ۽ اسان جو اتحاد قائم رهندو.واپاري اڳواڻ جميل پراچا چيو ته پهرين سيپٽمبر تي ڪراچي نه پر سڄي ملڪ ۾ واپاري هڙتال ڪندا ۽ سموريون مارڪيٽون بند رهنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.