سنڌ جي بارڪائونسلن پاران تفريحي ماڳ گورک تي لڳايل اربين رپين جي جاچ جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽر)؛  سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ، ڪراچي بار ايسوسئيشن، حيدرآباد بار ايسوسيئيشن ، ڊسٽرڪٽ بار  ايسوسئيشن دادو، بدين بار ايسوسيئيشن، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ٿرپارڪر ايٽ مٺي گورک هل اسٽيشن تي اربين رپيا خرچ ٿيندڙ فنڊز جي جاچ ۽ ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، گورک تي اربين رپين جي ڪرپشن تي  سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر  محمد سليم مڱريو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته گورک جيڪو سنڌ  سياحتي مرڪز آهي سياستدانن ڪرپشن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. سنڌ جي شاندار ماڳ ۽ سياحتي مرڪز  کي ڪرپشن ذريعي برباد  ڪيو ويو آهي. محمد سليم وڌيڪ چيو ته  گورک لاءِ جوڙيل اٿارٽي  پڻ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي ۽ جيڪا پاڻ به ڪرپشن ۾ ملوث آهن سندن خلاف جلد کان جلد ايف آءِ اي ۽ نيب سنڌ ذريعي  جاچ ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي  قومي مفادن  تحت جيڪي به ملوث آهن سندن خلاف ڪارروائي  ڪئي و ڃي ، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر سليم عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته گورک ۾ اربن رپين جي  ڪرپشن جي فوري طور تي جاچ شروع ڪئي وڃي ۽ جيڪي به ملوث آهن انهن کي سزا سميت ڪرپشن واري رقم پڻ وصول ڪئي وڃي  عامر سليم وڌيڪ چيو ته  ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي  سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن ايندڙ اچڻ وارن کي  سزا جو خوف هجي ۽ اهي ڪرپشن ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري  سگهن.

  • گورک ھل جي ترقي لاءِ آيل رقم ۾ جعلسازي جي ذريعي ڪرپشن ڪئي وئي: هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد

حيدرآباد : ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد نيب ۽ ايف آئي اي کان مطالبو ڪيو آھي ته گورک ھل اسٽيشن جي ترقي جي لاءِ گورک ھل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي مليل 23 ارب روپين جي فنڊن ۾ ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪري ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي مئنيجنگ ڪميٽي پاران بار جي سيڪريٽري ميان تاج محمد ڪيريو جي صحيح سان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن ھڪ شخص پاران جعلسازي جي ذريعي گورک ھل اسٽيشن جي ترقي جي لاءِ ايندڙ 23 ارب روپين جي رقم ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿي، اھا رقم سياحت کي ھٿي ڏيڻ، سياحن کي سھولتون فراھم ڪرڻ ۽ گورک ھل جي ترقي جي لاءِ آيل ھئي، جنھن ۾ جعلسازي جي ذريعي ڪرپشن ڪئي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ گورک ھل اسٽيشن تي ترقياتي ڪم نه ٿي سگھيا. ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن نيب ۽ ايف آئي اي کان مطالبو ڪري ٿي ته گورک ڊولپمينٽ اٿارٽي دادو کي 23 ارب روپين جي ملندڙ فنڊن جي جاچ ڪئي وڃي..

  • گورک تي 23 ارب رپين جو خرچ نظر نه ٿو اچي: ضلعي بار دادو

دادو:دادو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري غلام محمد صديقي المعروف پيرهني گورک هل اسٽيشن تي خرچ ٿيندڙ فنڊز  جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، هن پنهنجي بيان ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي کان جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته گورک ڊولپمينٽ اٿارٽي جيڪا 2013 ۾ ٺهي ۽ رفيق احمد جمالي ايم اين اي هن اٿارٽي جو چيئرمين ٿيو ملڪ جي مختلف اخبارن ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته گورک جي ترقي جي نالي ۾ مبينا 23 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن هن چيو ته اهڙين خبرن کانپوءِ اسان کي انتهائي ڏک پهتو آهي ته گورک جي نالي تي وڏي ڪرپشن نظر اچي ٿي جنهن ۾ قومي ناڻي کي نقصان پهچايو ويو آهي نيب ۽ ايف آءِ اي جاچ ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته گورک ملڪ ۾ ٽوئرزم لاءِ تمام گهڻو سازگار آهي اسان دادو بار مان ريزوليشين منظور ڪرايو هو ته گورک ۽ ڪارونجهر جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي گورک جي فنڊن جي استعمال بابت جاچ ٿيڻ گهرجي انهن ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي اسلام آباد جي اختيارين کان گهر ڪئي آهي.

  • گورک سميت سنڌ جي تاريخي ماڳن کي ڪم جي نالي تباهه ڪيو ويو: ٿر بار

مٺي  : ٿر بار سياحتي ماڳ گورک جي نالي تي ٿيل 23 ارب ڪرپشن جي جانچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،ريزوليشن پاس ڪندي نيب ۽ ايف آءِ  اي کان ڪارروائي جي گُهر ڪئي وئي آهي،اُنهي سلسلي ۾ ٿرپارڪر بار ايسوسيئشن پاران صدر غلام مصطفىٰ هنگورجو جي سربراهي ۾ دادو جي سنڌ جي ماڳ گورک هل جي نالي ٿيل رڪارڊ ڪرپشن جي جاچ لاءِ ريزوليشن پاس ڪري ورتي آهي،بار جي صدر غلام مصطفىٰ هنگورجو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته گورک هل کي خوبصورت بڻائڻ جي نالي سان 23 ارب روپين جي ڪرپشن ٿي آهي،اسان هڪ ريزوليشن پاس ڪندي گورک منصوبي جي جانچ لاءِ نيب ۽ ايف آءِ اي کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته منصوبي جي مڪمل جانچ ڪري ملوثن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي،هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ جيڪي به سياحتي ماڳ آهن اُهي ڀڄي ڀُري تباھ ٿي چُڪا آهن،پر اُنهن سياحتي ماڳن کي بهتر بڻائڻ جي نالي وڏي ڪرپشن ٿي آهي،ٿر ڪارونجهر کان ڪينجهر ۽ ڪيٽي بندر کان ڪراچي ڪشمور تائين سياحتي ماڳن جي نالي اربين روپيا ڪرپشن ذريعي هڙپ ڪيا ويا آهن،سڄي سنڌ کي کنڊرات بڻايو ويو آهي،ڪٿي به سياحتي ماڳن تي ڪا سهوليت ناهي،روڊن رستن سميت هر پيئڻ جي پاڻي تائين مهيسر ڪونهي،پر هر سال بجيٽون جاري ڪري پئسا ڪڍيا ويندا هئا،اسان مطالبو ڪيون ٿا ته جانچ ڪري ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.