اسلام آباد( م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته چونڊون آئين ۾ ڏنل مدي اندر ٿيڻ گهرجن، اسان پنهنجو موقف اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪيو آهي. نيئر بخاري، مراد علي شاهه، شيري رحمان سميت پيپلز پارٽي جي اڳواڻن اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان عام چونڊن ۽ تڪبندين بابت ملاقات ڪئي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نيئر بخاري چيو ته اسان اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن آڏو پنهنجو موقف رکيو آهي ته اليڪشن ڪميشن نئين چونڊن جي تاريخ ۽ شيڊول جو اعلان ڪري. نيئر بخاري چيو ته آئين وقت جو تعين ڪري ٿو ته اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون. پيپلز پارٽي آئين جي بالادستي تي يقين رکي ٿي. چونڊن جي حوالي سان قوم ۾ پريشاني آهي. نيئر بخاري موجب اليڪشن ڪميشن اسان جو موقف ٻڌو ۽ يقين ڏياريو ته هو ملاقات کانپوءِ اسان کي آگاهه ڪندا. نيئر بخاري موجب هو اليڪشن ڪميشن جي جواب کانپوءِ پنهنجي مستقبل جي ايڪشن پلان جو اعلان ڪندو.