اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سول کاتن جي مڙني رٽائر سرڪاري ملازمن جي پينشن ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جلد اعلان جا امڪان، نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو پي ڊي ايم حڪومت ۾ ٿي چڪو هو پر سياسي نقصان جي خدشي سبب ان جو اعلان نه ٿي سگهيو، ڇو ته (ن) ليگ جو موقف هو ته حڪومت ۾ اچي مهانگائي ڪري ۽ آءِ ايم ايف سان سخت معاهدو ڪري اڳ ئي پنهنجو گهڻو نقصان ڪيو آهي، ان ڪري پينشن ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري پنهنجو سياسي جنازو نٿا ڪڍي سگهون، ان ڪري فيصلو ٿيو آهي ته اهو اعلان نگران سرڪار کان ڪرايو ويندو، ڇو ته معاشي ماهرن اسٽيبلشمينٽ کي مشورو ڏنو آهي ته پينشن ختم ڪري کربين رپيا ساليانو بچت ڪري سگهجي ٿي. مستقبل ۾ به پينشن جو تصور هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ خزاني وزارت مڙني کاتن کان تفصيل طلب ڪري تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيرا ملٽري فورسز جي رٽائر ملازمن جي به پينشن ختم ٿي ويندي پر فوج جا ملازم پينشن جي خاتمي واري فيصلي کان آجا هوندا. ممڪن آهي ته مستقبل ۾ ان جو به ڪو حل ڪڍيو وڃي ۽ رٽائر فوجي ملازمن جي به پينشن ختم ڪري ان بدلي انهن کي ڪا خاص رعايت ڏني وڃي، تاحال فوج جي رٽائر ملازمن جي پينشن ختم جو فيصلو نه ٿيو آهي پهرين مرحلي ۾ صرف سول سرڪاري کاتن جي ملازمن ۽ پيرا ملٽري فورسز جي رٽائر ملازمن جي پينشن ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.