اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عمران خان جي ديسي ڪڪڙ، ٻاڪري گوشت، ديسي گيهه ۽ منرل واٽر جو هفتي جو بل 40 هزار ريپا وڪيل گوهر خان ادا ڪري آيو. نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته جيل قانون موجب قيدين کي جيڪو کاڌو ملندو آهي اهو سرڪاري خرچ تي هوندو آهي، پر جڏهن ڪو قيدي پنهنجي فرمائش تي ٻاهر کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه گهرائيندو آهي ته ان جو بل ان قيدي کي ادا ڪرڻو هوندو آهي جو هو ملقات لاءِ ايندڙ مائٽ مٽ يا دوست ذريعي ادا ڪندو آهي يا رقم امانت طور جيل انتظاميا وٽ رکائي ڇڏيندو آهي. عمران خان جي قانوني ٽيم جو وڪيل گوهر خان جڏهن اٽڪ جيل تي عمران خان سان ملاقات لاءِ پهتو ته جيل انتظاميا ان کان عمران خان جي ٻاهران گهرايل ديسي ڪڪڙ،ٻاڪري گوشت، ديسي گيهه، پاڻي ۽ ڪجهه ٻين کائڻ جي شين جو هفتي جو بل 40 هزار ريپا وصول ڪري ڇڏيو. اها ڳالهه وڪيل گوهر خان پاڻ پنهنجن دوستن کي ٻڌائي آهي.
-
عمران تنهنجو چهرو عوام ۾ بي نقاب ڪندس: محسن بيگ
لاهور (عوامي آواز نيوز) عمران خان هاڻي منهنجو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃ، تنهنجو اصل چهرو عوام آڏو واضح ڪندس، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته ماضيءَ ۾ عمران خان جو ساڄو هٿ رهندڙ ۽ صبح جو نيرن عمران خان سان گڏ ڪندڙ صحافي محسن بيگ پنهنجي وي لاگ ۾ عمران خان کي چئلينج ڪيو آهي ته هاڻي منهنجو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃ، سمورا ثبوت موجود آهن، جيڪي عوام آڏو پڌرا ڪري تنهنجو اصل چهرو عوام ۾ بي نقاب ڪندس. تنهنجا ٽيڪسٽ پيغام، آڊيو ۽ وڊيو سميت وائيس پيغام موجود آهن، ياد رهي ته صحافي محسن بيگ وڏو عرصو عمران خان جي ويجهو رهيو، چونڊن ۾ عمران کي چونڊ مهم لاءِ 2 ارب ريپا فنڊ به گڏ ڪري ڏنو هو پر عمران خان آخري دور ۾ محسن بيگ کي گرفتار ڪرايو هو ۽ مٿس تشدد ڪرايو هو. صحافي محسن بيگ اسٽيبلشمينٽ جي انتهائي ويجهو آهي. جڏهن جنرل عاصم منير آرمي چيف طور عهدو سنڀاليو هو ته محسن بيگ آرمي هائوس پهچي کيس مبارڪ به ڏني هئي.
-
بشريٰ بي بي جي قطر جي اهم شخصيت سان ملاقات !
اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) قطر جي شاهي خاندان جي هڪ اهم شخصيت سان بشريٰ بي بي جي ملاقات جو انڪشاف ٿيو آهي. جڏهن ته هڪ اعليٰ عدالتي شخصيت جي سس سان به بشريٰ بي بي جي ملاقات ٿي آهي. نامياري صحافي راجا عاطف ذوالفقار انڪشاف ڪيو آهي ته انهن ملاقاتن جو هڪ مقصد ٿي سگهي ٿو ته عمران خان کي ڪنهن به طرح آزاد ڪرايو وڃي ۽ قطر جي شاهي خاندان جي اهم شخصيت سان ملاقات جو سبب شايد عمران خان کي پناهه ڏيڻ جي درخواست ڪرڻ هوندو. بشريٰ بي بي قطر جي شيخ کي چيو هوندو ته پاڪستان سرڪار تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري پنهنجي ضمانت تي قطر ۾ پناهه ڏني وڃي.
-
عمران 15 آگسٽ کان جڊيشل رمانڊ تي هجڻ جو انڪشاف
لاهور (عوامي آواز نيوز) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان عمران خان جي توشا خانا ڪيس ۾ سزا معطل ٿيڻ کانپوءِ انڪشاف ٿيو آهي ته عمران خان 15 آگسٽ کان سائفر ڪيس ۾ خاص عدالت جي جڊيشل ريمانڊ تي آهي، ناميري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته اها ته خبر ميڊيا تي هلي هئي ته عمران خان جي سائفر ڪيس ۾ گرفتاري ڪئي وئي آهي. پر اها خبر اڄ پئي ته نه صرف گرفتاري ڪئي وئي هئي پر 15 آگسٽ کان 30 آگسٽ تائين خاص عدالت مان ريمانڊ به ورتو ويو هو. ڏسڻو آهي ته اڄ ريمانڊ پورو ٿيڻ بعد وڌيڪ ريمانڊ ورتو وڃي ٿو يا عمران خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو يا وري سيڪيورٽي جا خدشا ظاهر ڪري اٽڪ جيل ۾ ئي خاص عدالت لڳائي ڪيس هلايو وڃي ٿو ان سان گڏ شاهه محمود قريشي بابت ڪهڙو فيصلو ٿئي ٿو ان کي به اٽڪ جيل منتقل ڪيو وڃي ٿو يا وڌيڪ ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو وڃي ٿو. حيرت جي ڳالهه آهي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ان انتظار ۾ هو ته معاملا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان اڪلائجي اچن ته عمران کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هو درخواست اچڻ تي ڪارروائي ڪري پر جڏهن کيس خبر پئي ته عمران خان ته سائفر ڪيس ۾ جڊيشل ريمانڊ تي آهي ته هو به مايوس ٿي ويو، عمران خان کي قيدرکڻ وارن اهڙي خاموشيءَ سان ڳجهي ڪارروائي ڪئي آهي. جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.