اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي سزا معطل ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سزا معطلي جي درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطلي جي درخواست کي زباني طور تي مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق زباني طور تي مختصر فيصلو ٻڌايو ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين جي توشا خانا ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست منظور ڪئي. عدالت عمران خان جي سزا معطل ڪندي کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي چيو ته لکت فيصلي ۾ سزا معطلي جا سبب ٻڌايا ويندا ۽ لکت فيصلو جلد جاري ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن توشه خانه ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان جي سزا معطل ڪري ضمانت تي آزاد ڪرڻ بعد اسلام آباد جي خاص عدالت گمشدگي ڪيس ۾ کيس اٽڪ جيل ۾ رکڻ ۽ 30 آگسٽ (اربع) تي خاص عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ڪورٽ جي جج عبدالحسنات محمد ذوالقرنين پاران جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان سائفر گمشدگي ڪيس ۾ نامزد آهي ۽ ان کان جاچ جاري آهي، ان ڪري کيس ان ڪيس ۾ جوڊيشل رمانڊ تي اٽڪ جيل ۾ رکيو وڃي.