عوام کي رليف جو انتظار، بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي (م ڊ) ملڪ جو عوام بجلي بلن ۾ رليف جي انتظار ۾ آهي پر بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو خدشو ڏيکاريو ويو آهي،  ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي جا بل وڌيڪ اچڻ خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن، رليف جي انتظار ۾ ويٺل عوام جي لاءِ بُري خبر آهي ته بجلي جي قيمت ۾ وڌيڪ اضافي جو خدشو آهي، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي سي پي پي اي بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 7 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي جنهن تي نيپرا ۾ ٻڌڻي اڄ ٿيندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نيپرا سي پي پي اي جي درخواست منظور ڪئي ته ان سان صارفين مٿان 35 ارب رپين جو بار پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.