ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي شينهن نڪري آيو، خوف جو ماحول

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي شاهراهه فيصل تي شينهن ٻاهر روڊ تي نڪري آيو شينهن کي ڏسي شھري حيران ٿي ويا ڪراچي جي علائقي شاهراهه فيصل عائشه ڀواني ڪاليج جي ويجهو شينهن ٻاهر روڊ تي نڪري آيو ۽ گھمندي ڦرندي هڪ عمارت جي پارڪنگ ۾ پهچي ويو جنهن کانپوءِ پوليس به واقعي واري هنڌ پهتي، شينهن کي ڏسڻ لاءِ شهرين جو شاهراهه فيصل تي هجوم گڏ ٿي ويو ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، پوليس موجب گاڏي ذريعي شينهن کي منتقل ڪيو ويو ته شينھن ٻاهر نڪري آيو، گاڏي جي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو آهي، وائلڊ لائف جي ڊپٽي ڪنزرويٽر ممتاز سومرو صحافين کي ٻڌايو ته شينهن جي عمر 2 سال آهي، شينهن کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي، شينهن پاليندڙ مالڪ کان پڇا ڳاڇا جاري آهي، بغير لائسنس جي شينهن پالڻ تي مالڪ خلاف ڪارروائي ڪنداسين، شينهن پاليندڙ مالڪ شمس جو چوڻ آهي ته شينهن بيمار هو جنهن کي علاج ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته گاڏي مان نڪري ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.