ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) نگران گهرو وزير سنڌ حارث نواز چيو آهي ته سي سي پي او ڪراچي تبديل ٿي رهيو آهي،صوبي ۾ ڊي آءِ جيز کي به تبديل ڪيو ويندو توهان کي قابل آفيسر سي سي پي او طور ملندو ،آءِ جي جيل جي آفيس جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته صوبي ۾ ڊي آءِ جيز کي به تبديل ڪيو پيو وڃي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرٽ جي بنياد تي هوندا، ڪنهن کي به سياسي طور تي مقرر نه ڪيو ويندو . هن اهو به چيو ته مقرري ڪارڪردگي ڏسي ڪري ڪئي ويندي، ايس ايڇ او سٺو هوندو ته ڏوهن ۾ به گهٽتائي ايندي،هن چيو ته ميرٽ تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي، ميرٽ کانسواءِ ڪنهن کي به ترقي نه ڏني ويندي برگيڊيئر حارث نواز چيو ته 1253 ماڻهن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، جيل کاتي ۾ خالي جاين تي جلد ڀرتيون ڪيون وينديون، صوبي جي باقي جيلن ۾ به جيمر لڳايا ويندا .