ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي کاتي واري نگران وزير ايشور لعل کاتي جي مختلف شعبن جي سربراهن کان کاتي جي ملازمن جي خلاف نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ جاري تحقيقات ۽ هيٺ پيل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. نگران آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ايشور لعل جي هدايت تي سمورن لاڳاپيل چيف انجنيئرز، پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن ۽ ٻين سربراهن کي لکيل هڪ خط ۾ هدايت ڏني وئي ته هو کاتي جي ملازمن جي خلاف نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ جاري تحقيقات ۽ هيٺ پيل ڪيسن جا تفصيل 30 آگسٽ تائين جمع ڪرائي ڇڏين.