غريبن کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  آءِ ايم ايف جي ھدايت تي پورھيت دشمن معاشي  پاليسيون جوڙي غريب عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. بجلي، گئس، پئٽرول، انساني زندگي بچائيندڙ دوائون،اٽو ۽ کنڊ سميت ٻين شين جا اگهھ آسمان تي پھچي ويا آھن. پي ٽي آءِ، پي ڊي ايم ۽ پ پ حڪومت مھانگائي ۾ اضافو ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو ته  4 ھزار واري کنڊ 7 ھزار روپيا روپيا 26 سئو وارو اٽو 6000 روپيا مڻ، 3ھزار وارا چانور 8600 روپيا، 1650 واري اينگرو يوريا ٻوري ساڍا 4 ھزار کان 5 ھزار روپين ۾ بليڪ تي ملي رھيو آھي. 500 وارو سيمينٽ 1250 روپيا ٻوري ملي رھيو آھي،هن چيو ته  مھانگائي مزدور، ھاري ۽ پورھيت عوام جي زندگي جھنم بنائي ڇڏي آھي. موجوده نگران حڪومت کي به احساس ئي ناھي ته  500 کان ھزار روپيا ڏھاڙي ڪمائيندڙ ماڻھو پنھنجي گھر جو گاڏو ڪيئن ھلائي سگھندو، زندھ رھڻ لاءِ رڳو اٽو نه گھرجي. گھٽ آمدني وارو يا مسواڙ جي جڳھ ۾ رھندڙ ماڻھو تعليم، صحت، ڪپڙو، بجلي، گئس ۽ ٻيون ضرورتون ڪيئن ٿو خريد ڪري سگھي. ڪيڏانھن وئي پيپلز پارٽي ۽ انھن جا اتحادي جيڪي سنڌ کان مارچ ڪري اسلام آباد ويا ھئا ھاڻي اھي ڪٿي گم آھن. ھاڻي ته  ھر شيي جو ريٽ عروج تي آھي.  ايتري مھانگائي جي ڪري روز خودڪشيون پيون ٿين. غريب ماڻھو ھڪ ٽڪر لاء پريشان آھي. اياز لطيف پليجي نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو آھي ته  نوجوانو! پڙھو، ڪم سکو ۽ ٻاھر نڪرو. انجنيئرنگ، وڪالت، ميڊيڪل، بزنس، آءِ ٽي پڙھو. سي ايس ايس، سي اي، ٽيڪنيڪل ڊپلوماز، اسٽيوٽا ڪورسز، اسڪل ڊولپمينٽ ٽريننگز ڪيو. انگلش سکو، چائنيز، جرمن، عربي، رشين، اسپينش ۽ فرينچ سکو، فورسز جوائن ڪيو، فارين اسڪالرشپز جا امتحان ڏيو. ڳوٺن مان وڏن شھرن ۾ اچو، پرڏيھ وڃو، ڪاروبار ڪيو. روزگار ۽ اقتصادي ترقيءَ جو ٻيو ڪو به رستو ناھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.