اسلام آباد: (م ڊ) تحريڪ انصاف جي وڪيلن توشه خانه ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪري ڇڏي آهي. عدالتي فيصلي تي پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ چيو آهي ته سزا معطل ٿيڻ کان پوءِ عمران پارٽي چيئرمين جي حيثيت سان بحال ٿي ويو آهي. نگران حڪومت کي گهرجي ته عدالتي فيصلي تي عمل يقيني بنائي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۽ قوم کي فوري طور تي چونڊن طرف کڻي وڃي. ٻئي طرف بيرسٽر علي ظفر چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪري ڇڏيون آهن. ڪيس انهي جج جي سامهون نه وڃڻ گهرجي جنهن مس ٽرائيل ڪيو. مون ڪڏهن به ڪنهن به جج مٿان الزام نه لڳايو آهي. صرف فيصلي تي تنقيد ڪئي آهي.