اسلام آباد( م ڊ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ايمان مزاري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ پراسيڪيوٽر راجا نويد عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته ايمان مزاري طرفان زينب جنجوعه پيش ٿي. ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر راجا نويد دليل ڏيندي چيو ته ايمان مزاري خلاف بارا ڪهو ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻڌڻي دوران جج ايمان مزاري کي عدالت جي ڪمري ۾ ماءُ سان ملڻ جي اجازت ڏيندي چيو ته رڳو ماءُ ۽ ڌيءَ عدالت ۾ ملاقات ڪندا، غير لاڳاپيل ماڻهو عدالت کان ٻاهر وڃن. ان دوران عدالت ڪمري ۾ پنهنجي ماءُ سان ملاقات ڪندي ايمان جذباتي ٿي وئي، جڏهن ته شيرين مزاري عدالت روم ۾ پنهنجي ڌيءَ کي بسڪيٽ ۽ جوس ڏنو ۽ چيو ته پٽ کي آرام سان کائو.