وحشي گهمن ڦرن ٿا، ٻار ۽ نياڻيون ڪٿي لڪايون؟

تحرير: تارالنساءِ مري

عورت جي سورن جي ڪھاڻي صديون پراڻي آھي جيڪا نئين دور سان نت نون طريقن سان جيئن جو تيئن ھلندي پئي اچي. بدقسمتي سان ھن وقت سنڌ ۾ ھر ايندڙ ڏينھن پاڻ سان گڏ ڪا نه ڪا غير انساني ۽ ماڻھپي کي لڄائيندڙ واردات کنيو پيو اچي جنهن  سبب ذھني ۽ ڪئي مسئلا جنم وٺن پيا.  آخر ھي اسان جو سماج ڏينهن به ڏينهن  ڪيڏانهن  وڃي رھيو آھي ؟  اسان گھر يا خاندان جي اندر عورت سان ٿيندڙ تشدد کي ذاتي مسئلو سمجھي ڇڏي ڏيندا آھيون  پر ھي ذاتي مسئلو نه پر ھڪ سماج لاءِ  برائي آھي

سماج اندر عورت سستو وکر آهي جنهن کي جيئن ۽ جڏهن چاهي, مرد سولائي سان استعمال ڪري سگهي ٿو. شادي شده مرد جو جڏهن به موڊ ٿئي ته پھرين زال کي مار موچڙو ڪري ٻي شادي ڪري سگهي ٿو، پئسا خرچ ڪري ڪنهن به عمر جي عورت جي جسم سان کيڏي سگهي ٿو. ٻھراڙي ۾ ڪو جھيڙو جھٽو ٿئي يا سڱ چٽي ۾ قرباني جو وکر به عورت آهي. مرد پنهنجي ذھني ۽ جسماني لست کي اجھائڻ واسطي عورت کي آساني سان لارا لپا ڏئي ان جي ڪنوارپ کي تباهه ڪري سگهي ٿو. پاڻ نه ڪمائي پر عورت کي مجبور ڪري ان کي در در جا ڌڪا کارائي پنائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. مرد چاهي غريب ھجي يا امير اھو مجموعي طور ذھني ۽ جسماني طور عورت جو استحصال ڪري ٿو، بيبي ھوا بي نظير ڀٽو تائين ۽  ھيٺين ڪلاس جي عورت ئي ھميشـ ڀوڳيو آهي. ۽ ان مرد جي ناجائز ۽ جائز حاصلات لا۽ پاڻ قربان ڪيو آهي.

ان جنسي ۽ صنفي اڻ برابري جي ڪري سماج شروع کان وٺي سنوت ۾ ناھي. جنس مادي چاھي انسان جي روپ ۾ ھجي يا مادي جانور  ھجي ان ھميشـ خاموش ٿي نر انسان جي ظلم کي برداشت ڪيو،  سڀ  جا سڀ مطلب جي پويان آھن.  اڄ ھن دور ۾ نياڻيون گھر کان سوا ڪٿي به محفوظ ناھن  نه اسڪولن ۾ نه ڪاليج ۾   ۽ نه مرشد جي حويلي ۾  اڄ امير فقير مير  پير مولوي سڀ بگھڙ بڻجي ويا آھن  سڀ نفس پرستي آھن سڀنن کان الله  وسري ويوآهي.

اڄ دجالي دور ٿي ويو آھي جنهن  به پنهنجي  نياڻي، امير پير مرشد جي حويلي ۾ موڪلي ته  ان لاءِ  خطرو ئي خطرو آھي جيڪو پنهنجي  عزت رکي ۽ ٻي جي عزت نه رکي ان کان وڏو ڪو  شيطان نه ٿي سگھندو. ھر نياڻي جي عزت رڳو پنهنجي امڙ، پيءُ ۽ ڀائرن   وٽ ھوندي آهي.ٻيو ڪٿي به ناهي هوندي. اها ڳالهه سمجهڻ جي آهي. اسان کي پنهنجين نياڻين ۽ ٻارن جي عزت ۽ جان جي تحفظ جو پاڻ سوچڻو پوندو. وحشي هر جاءِ تي موجود آهن پنهنجن ٻارن ۽ نياڻين کي ڪيئن ۽ ڪٿي لڪايون اچو ته ان تي ويچاريون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.