سياست ۽ ڪرپشن جي نذر ٿي ويل احتسابي عمل

تحرير: ساگر ميمڻ 

دنيا جا اڪثر ملڪ ڪرپشن جهڙي وبا جو شڪار آھن، ھي ھڪ اھڙو مرض آھي، جنهن کي اُڏوھي سان ڀيٽ ڏني وڃي ٿي، جيئن اُڏوھي ڪنهن شيءَ کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيندي آھي، اھڙي طريقي ڪرپشن به ملڪي ادارن کي کائي چٽ ڪري ڇڏي ٿي، ۽ پوءِ ملڪ توڙي ادارا تباھ ۽ برباد ٿي وڃن ٿا، جن به ملڪن ۾ ھي وبا ڪاھي پئي آھي، اُھي ملڪ پنڻ لائق بڻجي ويا آھن، بدقسمتي سان اسان جو ملڪ ھن ڪرپشن جي وبا جو تمام گهڻو شڪار آھي، ھن وبا ملڪ جي سمورن ادارن کي اُڏوھي وانگر کائي چٽ ڪري ڇڏيو آھي.

نتيجن ھي ملڪ، ملڪي تاريخ جي انتهائي اھم ۽ وڏي معاشي ۽ مالي ڀحران مان گذري رھيو آھي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي عوام غربت، مهانگائي، بيروزگاري، تنگدستي ۽ مفلسي جهڙا عذاب ڀوڳي رھيو آھي، ھتان جا والدين جيئڻ خاطر پيٽ جو پورائو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا ٻچا وڪڻي رھيا آھن، ڪرپشن جي ڪري مالي ۽ معاشي بحران پيدا ٿيڻ جي نتيجي ۾ امن امان جي صورتحال به انتهائي گهڻي خراب ٿي وئي آھي، ادارن جي ڪارڪردگي بدترين ٿيڻ ۽ سماج ۾ ھر قسم جون برايون وڌي ويون آھن، پر انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه ھي آھي ته ھي وبا ختم ٿيڻ جو نالو نٿي وٺي، ھر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ھي وبا وڌي ۽ ويجهي رھي آھي ۽ ادارن سان گڏ ماڻهو کي کائي رھي آھي.

ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا کان ٿيندي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ھي خبر گردش ڪري رھي آھي، پنهنجي مدت پوري ڪري ويندڙ سنڌ حڪومت جي سابق صوبائي وزيرن ۽ اھم چئن سياستدانن جي خلاف نيب پاران ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، ۽ اُھو به رپورٽ ٿيو آھي ته انهن وزيرن کي ملڪ کان ٻاھر وڃڻ کان روڪيو ويو آھي، جڏھن ته اُن سلسلي ۾ ڪافي وقت ايڪسائيز کاتي جو قلمدان سنڀاليندڙ اڳوڻي صوبائي وزير کي ملڪ کان ٻاھر وڃڻ واري وقت ايئرپورٽ تان واپس موٽايو ويو، ۽ ھي پڻ خبر ھلي رھي آھي ته سنڌ سرڪار جي 60 کن ڪامورن کي ملڪ کان ٻاھر وڃڻ کان روڪيو ويو آھي، جنهن  خبر جي حوالي سان پ پ سياسي مخالف سوشل ميڊيا، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڌماڪي ۽ زوردار انداز سان تجزيا ۽ تبصرا ڪري رھيا آھن، ھي تاثر ڏنو وڃي پيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي خلاف نگران حڪومت دوران وڏي پيماني تي ڪاروايون ڪيون وينديون.

نيب پاران ڄاڻايل اڳوڻن صوبائي وزيرن جي خلاف ڪاروائي واري خبر کي آئون ٻي اک سان ڏسان ٿو، جيئن ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاران 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي مطالبي ۽ بيانيي جي نتيجي ۾ ھي ماحول پيدا ٿيو آھي، ڇاڪاڻ ته ھي صاف نظر اچي رھيو آھي ته مقتدر حلقا چاھين ٿا ته نگران حڪومت جي مدت ڊگهي ٿي وڃي، ته جيئن اُھي انهي عرصي جي دوران پنهنجي پاليسي ساز اداري جي ذريعي معاملا سڌا ڪري وٺن، ۽ انهن تي اڳتي ھلي ڪم ڪري سگهجي، تنهنڪري اُھي چاھين ٿا ته وفاقي توڙي صوبائي نگران حڪومتون ڊگهي مدي جي لاءِ ھلن، باقي ھي تاثر ڏنو وڃي پيو ته ملڪ ۾ معاشي ۽ مالي بحران آھي، تنهنڪري نگران حڪومت جي ذريعي اُن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ۽ ٻيو تاثر ھي ڏنو وڃي پيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان نئين آدمشماري تحت چونڊون ڪرائڻ واري معاملي جي منظوري ملڻ کان پوءِ پيدا ٿيل بحران جي سبب نگران حڪومت ڊگهي مدي تائين ھلي سگهي ٿي، آئون سمجهان ٿو ته ھي ٻئي سبب ڪمزور آھن، اصل سبب مقتدر حلقن جي منشا ۽ رضامندي آھي.

اسان جي ملڪ ۾  وفاق کان وٺي صوبن تائين ھر اداري ۾ ڪرپشن ٿي رھي آھي، سياستدان کان وٺي ڪامورا ھن وھندڙ گنگا ۾ وھجندي نظر ايندا آھن، ۽ اُھا ڪرپشن سري عام ۽ ديده دليري سان ڪئي وڃي ٿي، جڏھن سياستدان ۽ ڪامورن پاران مختلف طريقن سان ڪرپشن ٿي رھي ھوندي آھي، سوال ھي آھي ته اُن وقت انهن سياستدانن ۽ ڪامورن جي خلاف ڪارروائي ڇو ناھي ڪئي ويندي؟ ڇا مقتدر حلقا ۽ نيب سميت سمورن احتسابي ادارن کي ھي خبر نه ھوندي آھي، سياستدان ۽ ڪامورا ڇا ڪري رھيا آھن؟ جيڪڏهن اُن وقت ٿيندڙ ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ نيڪ نيتي، فرض شناسي، ملڪ دوستي جي سوچ، خيال ۽ نيت سان غير جانبدارانه طريقي سان ثبوت سميت ڪارروائي ڪئي وڃي، ته آئون نٿو سمجهان ڪا سياسي پارٽي انتقامي ڪارروائي جون دانهون ڪندي، ٿوري دير جي لاءِ کڻي ائين سوچجي ته ڪا سياسي پارٽي ڪرپشن جي خلاف ٿيندڙ ڪارروائي تي دلي ۽ ذھني طور ناراض ۽ ارھي ٿيندي، پر اُن جو موقف ۽ بيانيو ايترو مضبوط ٿي نه سگهندو، جڏهن ته اُن وقت ٿيندڙ ڪرپشن جي دوران سوشل ميڊيا، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ادارن، سياستدانن ۽ ڪامورن پاران ٿيندڙ ڪرپشن جي خلاف دانهون، ھاءِ گهوڙا ٿيندي رھي آھي ۽ احتجاج به ٿيندو رھيو آھي، پر اُن وقت صوبائي توڙي وفاقي ڪنهن به احتسابي اداري جي ڪنءَ تي جونءُ نٿي سري! سڀ خاموشي سان ڏسندا ۽ ٻڌندا رھن ٿا.

نيب ۽ احتسابي ادارا اُن وقت جاڳندا آھن، جڏھن سياستدان، وزير ۽ ڪامورا وفاقي توڙي صوبائي ادارن کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيندا آھن، ۽ پوءِ وفاقي توڙي صوبائي وزيرن، سياستدانن ۽ ڪامورن جي خلاف ڪاررواين جا فائيل کلي ويندا آھن، ھنن جي آفيسن ۽ رھائشگاھن تي ڇاپن ۽ گرفتاري جو سلسلو شروع ٿي ويندو، ڪرپشن جا پينڊورا باڪس ائين کلڻ لڳندا آھن، جيئن ماڪوڙا ٻرن مان ٻاھر نڪرندا آھن، ھڪ ٻي دلچسپ ڳالهه ھي آھي ته جڏھن به نيب سميت سمورا احستابي ادارا وفاقي توڙي صوبائي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن سميت سياستدانن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪندا آھن، ته اُن جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو، ھي ھڪ اھڙو ڪيس آھي، جنهن ۾ سموري ملڪ جو سياسي نظام لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿو، ظاھر آھي ته مقتدر حلقا ۽ احتسابي ادارن کي ھي خبر ھوندي آھي، فلاڻو سياستدان ۽ ڪامورو پهرين ڇا ھو ۽ ھاڻي ڇا آھي؟ سندن آمدني ۽ اثاثا پهرين ڪهڙا ھئا ۽ ھاڻي ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪيترا آھن؟

 

سوال ھي آھي ته نيب سميت سمورا احتسابي ادارا دير سان ڇو جاڳندا آھن؟ انهن کي ڪرپشن دير سان ڇو ٿي نظر اچي، آخر ھي ڪهڙو ڪارڻ آھي؟ اصل سبب ھي آھي ته جڏھن به مقتدر حلقا ڪنهن پارٽي ۽ سياستدان کي سوڙھو ڪرڻ، جهڪائڻ يا سڳي ۾ آڻڻ چاھيندا آھن ته پوءِ احتسابي ادارن جي ذريعي انهن جي خلاف ڪرپشن جا ڪيس کلڻ لڳندا آھن، انهن ڪرپشن جي ڪيسن جي وسيلي پارٽين، سياستدانن ۽ ڪامورن سان اُلجهيل معاملا سڌا ڪيا ويندا آھن، وعده خلافي جي سزائون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ وفاداري جي معاھدن جا وچن ڪيا ويندا آھن، جڏھن اُھو سمورو مرحلو مڪمل ٿي ويندو آھي ته پوءِ انهي ڪورٽن ۽ احتسابي ادارن مان ڏنو پُٽ ڇٽي جي تحت باعزت بري ڪرايو ويندو آھي، حاصل مطلب ته ڪرپشن جي خلاف دير سان جاڳڻ جا ٻه فائدا ھوندا آھن، ھڪ پنهنجي پاليسي، منشا ۽ مرضي جا معاملا طئي ٿي وڃن ٿا ۽ ٻيو ڏنو پُٽ ڇٽي جي تحت جهجهي تعداد ۾ ناڻو ھٿ چڙھي وڃي ٿو.

آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏھن ايمانداري، فرض شناسي، نيڪ نيتي سان غير جانبداراڻي طريقي سان ڪرپشن ڪندڙن جي خلاف بر وقت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪرپشن جا ڪيس صاف شفاف طريقي سان ڪورٽن ۽ احتسابي ادارن جي ذريعي ھلائي ڪرپٽ سياستدانن ۽ ڪامورن کي مثال بنائيندڙ سزائون ڏنيون وڃن، جن تي ڪو به سمجهوتو ۽ مفاھمت نه ڪئي وڃي ته اسان جي ملڪ کي اُڏوھي وانگر کائيندڙ ڪرپشن وڌڻ بجاءِ گهٽجڻ شروع ٿي وڃي، ۽ اسان جو ملڪ معاشي ۽ مالي بحران مان نڪري سگهي ٿو، جئين آئون شروع ۾ مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان ته دنيا جا اڪثر ملڪ ڪرپشن جهڙي وبا جو شڪار آھن، جڏھن ته ھنن ملڪن ۾ صاف شفاف احتساب جو عمل پڻ موجود آھي، پر ھتي انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه ھي آھي ته ڪرپشن جي خلاف ٿيل ڪارروائي مان به ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.