عوامي احتجاج کان لاتعلق بڻيل سياسي جماعتن جو ڇا ٿيندو؟

عوام ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ سرڪار جي بي حسي خلاف احتجاج ڪري رھيو آھي. چئي سگھجي ٿو تھ ورھين کان رياست ۽ اشرافيا جي جاري استحصال کان تنگ ٿي ڪري بجلي جي قيمتن ۾ ٿيل اضافي جي بھاني سان ماڻھو ٻاھر نڪري آيا آھن. ڪجھھ نٿو چئي سگھجي تھ اھو بنا قيادت جي ھجومن جي صورت ۾ ٿيندڙ احتجاج جو ڪھڙو نتيجو نڪرندو پر اھا عجيب ڳالھھ آھي تھ ملڪ جون وڏيون جماعتون جيڪي عوام جي ڌر ھئڻ جو دعويدار آھن، اھي لڪي ويون آھن.

سوال ھي آھي تھ اڄ نھ تھ سڀاڻي اھي جماعتون چونڊن ۾ عوام وٽ ويندويون تھ اھي ڪھڙي منھن سان ماڻھن کان ووٽ گھرنديون، ڇا سمورين وڏين جماعتن جي ڪا بھ ذڪر جوڳي ڪارڪردگيءَ آھي جنھن کي بنياد بڻائي اھي چئي سگھن تھ انھن عوام جي لاءِ جيڪو ممڪن ھو اھو ڪيو باقي وري ٻيھر موقعو ملي تھ اھي عوام کي ٻيون سھولتون پڻ فراھم ڪندا ؟ ھن وقت جي عملي يا حقيقي صورتحال ھي آھي تھ  مهانگائي جي سونامي بجلي، پيٽرول، ڊيزل ۽ گئس اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ غريبن ۽ مزدور طبقي کان ٻن ويلن جي ماني  بھ ڦري ورتي آهي. مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس غربت جي لڪير تي پهچي ويو آهي. اھڙي ظلم خلاف عوام روڊن تي آهي، احتجاج سنگين رخ اختيار ڪري رهيو آهي.مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ سميت ٻيون جماعتون اڳواڻي ڪرڻ بدران لاتعلق  بڻيل آهن، عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ اڳيان اچڻ بجاءِ مڪمل طور غائب ٿي ويون آھن.

ڪنھن کي وڻي يا نھ پر اھا حقيقت آھي تھ جماعت اسلامي عوام سان گڏ بيٺل نظر اچي رهيو آهي. اھو کڻي درست ھجي تھ جماعت  اسلامي صورتحال جو  فائدو وٺندي ماڻھن  کي گڏ ڪرڻ ۽ رابطا ڪرڻ چاھي ٿي. پر ٻي ڪنھن جماعت کي ڪنھن روڪيو تھ نھ آھي تھ اوھان اڳيان نھ اچو ؟اھو قانون آھي تھ ٻرندڙ حالتن ۾ ماڻھن کان لاتعلق ٿيڻ سان ان جي جاءِ تي جيڪي بھ ڌريون ماڻھن سان گڏ ھونديون انھن کي عوام موٽ ڏيندو. سموريون پارٽيون احتجاج کان لاتعلق آهن ۽ جماعت اسلامي لاءِ ميدان خالي آهي، جيتوڻيڪ ووٽ ھڪ جدا معاملو آھي ان ھوندي بھ اھو ٿيندو تھ جماعت پنھنجا ھمدرد وڌائي ويندي ۽ اھو ئي وقت ھوندو آھي جڏھن سياست جي اھميت وڌي ويندي آھي.

مبصرن جو به خيال آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب جيڪي حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن انهن کي نظر ۾ رکندي  اهو چئي سگهجي ٿو ته چونڊون گھڻو اڳتي وڌائي وڃڻ ھاڻي ڪنھن خطري کان خالي نھ آھي.

سياسي جماعتن جي سمورن مفڪرن کي اھو سمجھڻ گھرجي تھ ھن وقت جيڪا صورتحال آھي، اھا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگھي ٿي، انڪري ھاڻي عوام سياسي ڌرين کان  بھ سوال ڪندو تھ ھنن جو پروگرام ڇا آھي ؟ اھي ڪھڙي ريت ماڻھن کي رليف ڏيندا ؟ رڳو واعدا تھ گذريل 76 سالن کان ھر سياسي ڌر ڪري رھي آھي. ان تي عمل ڪرڻ جي وقت اھي سياسي ڌريون وري عوام جي خدمت ڪرڻ بجاءِ اشرافيا جي کي ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ڏيڻ ۽ عام ماڻھو مٿان مالي بار وڌائڻ واري ڳالھھ تي عمل ڪن ٿيون.

عوام جي تاحال ڪاوڙ گھٽجڻ بجاءِ وڌي رھي آھي.جنھن مان ماڻھن کي پھتل تڪليف جو اندازو ھر ڌر کي ٿيڻ گھرجي.مختلف سياسي جماعتن جي واعدن تي اعتبار ڪرڻ بعد ٿيل دوکن جي ڪھاڻي ايتري پراڻي ٿي وئي آھي جو ھاڻي عوام کي شايد ئي سياسي جماعتن جي مقبول نعرن تي اعتبار اچي.

وس وارن نگران کي جيڪي اختيار ڏئي پنھنجا مفاد سڌا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي انھن کي عوامي احتجاج مان اندازو ٿيڻ گھرجي تھ ھاڻي ماڻھن جي ڪاوڙ جو رخ ڪو ٻيو آھي.

ھئڻ تھ ائين گھرجي جو ايندڙ چونڊون ملڪ جي آئين ۾ ڏنل مدي اندر ڪرايون وڃن ۽ ان جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.جيڪا بھ ڌر ڪامياب ٿئي اقتدار ان حوالي ڪيو  وڃي.معاملن ۾ ھٿرادي ڪنھن بھ رنڊڪ جي صورت ۾ معاملا وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان رھندو.ان کان سواءِ ٻيو ڪو بھ حل نھ آھي.

 

  1. ايوان زراعت مقرر ڪيل ڪمند جو اگهه رد ڪري ڇڏيو

سنڌ ۾ زراعت مڪمل طور نظرانداز ٿي رھي آھي.حڪومت کي زرعي شعبي کي ھٿي ڏيڻ جي لاءِ ھاڪاري پاليسيون جوڙڻ گھرجن پر ڪنھن بھ سرڪار عوام جي مسئلن ڏانھن جوڳو ڌيان نھ ڏنو آھي.

ايوان زراعت سنڌ حڪومت پاران ڪمند جي مقرر ڪيل في مڻ اگهھ  424 رد ڪندي چيو آھي تھ گھٽ ۾ گھٽ ڪمند جو اگھھ ھن وقت 450 رپيا مقرر ڪيو وڃي.ايوان زراعت جو اھم اجلاس حيدرآباد ۾ ميران محمد شاھ جي صدارت ۾ ٿيو.جنھن ۾ ٻين علائقن ۽ ضلعن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ھنن چيو تھ مھانگائي جي ھن دور ۾ آبادگارن ۽ ھارين کي في ايڪڙ پيداوار تي وڌيڪ لاڳت لڳائڻي پوي ٿي. جنھن ڪري انھن جي مٿان خرچ جو بار وڌي ٿو وڃي.اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ آبادگارن ۽ زميندارن جو چوڻ ھو تھ ڀاڻ،ٻج ۽ پاڻي ڏيڻ جي لاءِ موٽرن جو ڊيزل مھانگو ملي ٿو.ھنن اھا بھ دانھن ڪئي تھ حڪومت ڀاڻ سيڪٽر ۾ ۽ ان سان لاڳاپيل صنعتي شعبي لاءِ گئس جي قيمتن ۾ ڪو اضافو نھ ڪيو آھي، پر ڀاڻ پيدا ڪندڙ ڪمپنيون ڀاڻ جي اگھن ۾ غيرقانوني واڌ ڪري ھارين ۽ آبادگارن کي ٻنھي ھٿن سان ڦري رھيون آھن.ايوان زراعت مطالبو ڪيو تھ وڌيڪ اگھن تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ايوان زراعت جي اڳواڻن نگران حڪومت کان اھا بھ گھر ڪئي تھ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوک ٿي رھي آھي،آبادگارن سان ظلم ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪندي زرعي دوائن،ڀاڻ ۽ڊيزل جي مد ۾ اگھن تي ڪنٽرول ڪري زراعت سان تعلق  رکندڙ صارفين کي رليف فراھم ڪيو وڃي.ھنن جو چوڻ ھو تھ ھن وقت آبادگارن جي مالي حالت خراب آھي مٿان وري انھن کي ڳري وياج تي ڀاڻ ڏنو وڃي ٿو.جنھن سان في ايڪڙ لاڳت وڌي ٿي، وري جڏھن فصل لھي ٿو تھ ان جا اگھھ ايترا گھٽ ھوندا آھن جو انھن جو سمورو خرچ ئي نھ نڪرندو آھي.ھنن اختيارين کي ان سلسلي ۾ عمل جوڳن قدمن کڻڻ جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.