بجلي بلن خلاف احتجاج ۾ شدت،عوامي رليف بابت فيصلو ٻئي ڏينهن به نه ٿي سگهيو

اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انورحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ بجلي جي بلن بابت ٻيو اجلاس ختم ٿي ويو، عوام کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪالهه به نه ٿي سگهيو.گذريل ڏينهن به نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ  جي صدارت هيٺ بجلي جي بلن بابت اجلاس ٿيو ۽ اڄ ٻئي ڏينهن به اجلاس جاري رهيو.جڏهن ته توانائي واري وزارت سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ حتمي اجلاس اڄ ٿيندو،سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته توانائي واري وفاقي وزارت ملڪ ۾ بجلي جي بلن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي.هن چيو ته عوام جي ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج ڪرڻ بدران مسئلي جي حل طرف وڃڻ گهرجي، بجلي جي بلن ۾ واڌ جو ذميوار ڪير آهي ان بحث ۾ نه وڃڻ چاهيون،جڏهن ته توانائي واري وزارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تجويزون تيار ڪيون ويون، جيو نيوز پاران بجلي جي بلن بابت تجويزون پيش ڪيون ويون.ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي بلن تي گهريلو صارفن کي ون سليب جو فائدو ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، بجلي جي بلن جي ادائيگي ۾ صارفن کي وڌيڪ قسطن ۾ رليف ڏيڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي.سياري جي مهينن ۾ بجلي جي ڳري بلن جو حصو ادا ڪرڻ تي رليف ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي، بجلي جي بلن تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي تي ناڻي واري وزارت جي راءِ وٺڻ جي تجويز ڏني وئي.

ڪراچي/حيدرآباد/اسلام آباد ( نمائندا+م ڊ  ) بجلي اگهن ۾ واڌ خلاف ملڪ گير احتجاج جو سلسلو جاري، بلن کي باهيون، تفصيل  موجب بجلي جي بلن ۾ غير معمولي اضافي ۽ وڌندڙ مھانگائي خلاف حيدرآباد جي دڪاندارن واپارين پاران حيدرآباد ۾ بازارون بند رکي شٽر بند ھڙتال ڪئي  وئي.  حيدرآباد ۾ شاھي بازار، ريشم گھٽي،  ڇوٽڪي گھٽي، صرافه بازار، ٽاور مارڪيٽ، لوھي بازار،  اناج منڊي،  فقير جو پڙ،  تلڪ چاڙھي،  صدر، چاندني سينٽر،  گل سينٽر ۽ حيدرچؤڪ سميت حيدرآباد جا ڪاروبازي مرڪز بند رھيا. ان موقعي تي واپارين طرفان احتجاجي مظاھرا پڻ ڪيا ويا. مظاھرين چيوته مھانگائي خلاف ۽ بجليء جي بلن ۾ مختلف ٽئڪسن خلاف احتجاج ڪندي ھڙتال ڪئي آهي. ھنن چيو تھ بجلي جي بلن ۾ اضافو ڪرڻ سميت پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي ڪري مھانگائي ۾ پاڻ مرادو اضافو ٿي ويو آھي، جنھن ڪري ڪاروبار ھلائڻ مشڪل بڻجي ويو آھي، انڊسٽريون بند ٿي رھيون آھن. ھنن چيو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ھئڻ باوجود ڳرا بل موڪليا وڃن ٿا،ڪراچي جي صدر واري علائقي ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۾ واپارين ڪي اليڪٽرڪ خلاف مظاهرو ڪيو، جنهن سبب ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ٽريفڪ جام ٿي وئي.ڪوآپريٽو مارڪيٽ ڏانهن ٽريفڪ جو رخ ڪيو ويو. مظاهري ۾ شهر جي مختلف بازارن جي تنظيمن پڻ شرڪت ڪئي. جڏهن ته جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان به مظاهري ۾ پهتو.مظاهرين کي خطاب ڪندي واپاري اڳواڻ عتيق مير چيو ته حڪمرانن جي عيش عشرت لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي قرض جي ادائگي اسان نه ڪنداسين هن اهو به چيو ته 2سيپٽمبر واري هڙتال جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.هن چيو ته جيڪڏهن عوام هاڻي جاڳي ويا آهن ته حڪمرانن سوچڻو پوندو پنهنجي ٻارن ۽ ملڪ جي مستقبل لاءِ ظالمن جي اڳيان نه نه جهڪنداسين، عتيق مير چيو ته وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ جو مسئلو آهي، هاٿي اسان جي ٽيڪسن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن.هن چيو ته حڪمران عوام کي جيئرو لاش سمجهن ٿا، هو پنهنجون عياشيون ختم ڪن، هوڏانهن  دادو جي واپاري برادري سراپا احتجاج، ٽئڪسز ۽ ڊڊيڪشن ختم ڪيا وڃن، اهڙو اجلاس واپارين جي اڳواڻ حاجي گل حسن پنھور جي صدرات ۾ ڪوٺايو ويو ميڙاڪي ۾ مختلف واپارين، دوڪاندارن، شھرين، موبائيل مارڪيٽ، ڪپڙن، چئپلن، ڪريانه مرچنٽ، سبزين ۽ ٻين دوڪاندارن جي يونين اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صدر گل حسن پنھور، نائب صدر عباس ڀرڳڙي، جنرل سيڪريٽري مـمتاز چنا، پريس سيڪريٽري رياض ميمڻ، آفيس سيڪريٽري عبدالروئوف مستوئي، صدر سبزي فروٽ مولا بخش زئونر ۽ ٻين واپارين احمد زئونر، غلام شبير مستوئي، عبدالعزيز ميمڻ، شفيق کوکر، سيد حامد شاهه، صاحب ٻٻر، يامين ڀنڊ، اسحاق ميراڻي، ابوبڪر زئونر، حسين کوکر، رشيد کوکر، ڪليم الله لاشاري، ھوش محمد سومرو، امداد نبي جوڻيجو، محرم عمراڻي ۽ ٻين نگران حڪومت، اعليٰ عدالتن سميت واپڊا جي وفاقي وزير کان مطالبو ڪندي چيو ته دادو ضلعو ٻوڏ سٽيل آهي جنهن ڪري ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آهن مٿان وري وڏي ٽئڪسز ۽ بجلي بلن ۾ هٿرادو ڊڊيڪشن ھڻي ڳرا بل موڪليا وڃن ٿا، ڪنري ۾ به بجليءَ جي ڳاٽي ٽوڙ بلن خلاف واپاري ۽ شهري رستن تي نڪري آيا، واپارين، شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن الله واري چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ۽ مظاهرو ڪيو ۽ بجليءَ جي بلن ۾ اضافي ٽيڪس نامنظور جا نعرا هنيا، بجلي جي ڳرن بلن شھدادپور جي شھرين کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ايڊوڪيٽ طارق محمود آرائين آيدوڪيٽ علام مصطفا سومرو  خالد ظھور بيگ منوچر گجر راڻا ستار ذولفقار نربان  ڊا ڪٽر محمد رفيق شيخ بشير ميمڻ  غلام مصطفا ٻگهيو  جي اڳواڻي ۾ لطيف پارڪ شھدادپور کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،هوڏانهن بهاولنگر،گجرات،خانيوال،پاڪپتن،عارف والا، ليه ۽ لاهور ۾ ماڻهن مظاهرا ڪيا،پشاور ۾ شهرين ڪوهاٽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،خانيوال،عارف والا ۾ وڪيلن عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو، مانسهره ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي،هنن چيو ته بجلي مهانگي ٿي وئي آهي، چارسده ۾ به شهرين فاروق اعظم چوڪ ڌرڻو هڻي بلاڪ ڪري ڇڏيو، واپڊا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، بٽگرام ۾ واپاري يونين جي سڏ تي شهرين قراقرم هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏي، راولپنڊي ۾ آئيسڪو جي آفيسن اڏو مظاهرا ڪيا ويا،شهرين بل ساڙي ڇڏيا۽ بڪرامندي گرڊ اسٽيشن جو گهيراءَ ڪري حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.