سلام آباد (م ڊ) آرمي چيف معيشت جي بحالي لاءِ نگران حڪومت کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي. خاص سيڙپڪاري جي قدمن کي جاري رکڻ لاءِ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف، وفاقي ڪابينا، وڏن وزيرن، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ سطح جي سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خاص سيڙپڪاري ڪائونسل جي قدمن ۽ اهم شعبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، ڪميٽي طرفان ايس آءِ ايف جي قدمن تي اعتماد جو اظهار ۽ ملڪي معيشت جي بحالي ڏانهن هاڪاري رفتار کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي عزم ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم هم آهنگي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ خاص سيڙپڪاري ڪائونسل جي اثرائتي ڪم جي تعريف ڪئي. ڪميٽي زراعت، لائيو اسٽاڪ، معدنيات، آءِ ٽِ ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ گذريل حڪومت جي منظور ڪيل منصوبن جي به منظوري ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪائونسل ذريعي اڳ کان حاصل ڪيل سازگار ماحول مڪمل ڪرڻ ۾ تيزي آندي وڃي. اجلاس ۾ آرمي چيف ملڪي معيشت جي بحالي ۽ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي آڻڻ خاطر پاليسين جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ نگران حڪومت کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.