نواز شريف عوام جو مينڊيٽ وٺي ملڪ ۾ بجلي سستي ڪندو: بلال ڪياني

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف  2013ع کان 2017ع دوران ملڪ مان لوڊشيڊنگ جي اونداهي ختم ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو هو، بجلي، گئس، اٽو، کنڊ، ماني سستي ڪئي. ۽ مهانگائي 47 سالن جي گهٽ ترين سطح تي آندي، هاڻي به هو عوام جو مينڊيٽ حاصل ڪري ملڪ ۾ ٻيهر بجلي سستي ڪندو. سومر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نواز شريف جي شروع ڪيل ترقي جي ان سفر کي گذريل حڪمرانن تباهه ڪيو.  چئن سالن ۾ بجلي جي شعبي جو گردشي قرض 1152 ارب رپين کان ٻيڻو ڪري ڇڏيو جيڪو 2253 ارب رپين تي پهچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.