سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪيش ڪمار کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا گرفتاري جي خوف کان عدالت سان رابطو ڪري ورتو، سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ مڪيش ڪمار جي درخواست تي ٻڌڻي  ڪئي، عدالت نيب کي مڪيش ڪمار کي گرفتار ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو، عدالت اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار جي 12 سيپٽمبر تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت مڪيش ڪمار چاولا کي نيب جي انڪوائري ۾ مڪمل  سهڪار ڪرڻ کي ھدايت ڪري ڇڏي آهي، ان کان اڳ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته نيب 26 آگسٽ تي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار جي گھر تي ڇاپو ھنيو، ان جي گرفتار جو خدشو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.