گهارو/ٺٽو (نمائندا)پ پ اڳواڻ سسئي پليجو چيو آھي ته سنڌ ۾ خاص طور تي ٺٽي جھڙن ضلعن ۾ ڪافي عرصي کان پاڻي.بجلي ۽ گئس جو مسئلو رھيو آھي ۽ ھن وقت جڏھن بجلي مسلسل 18 18 ڪلاڪ ٺٽو، مڪلي سميت ساحلي ۽ ڪوھستاني علائقن مان غائب آھي ان باوجود بجلي جا ڳاٽي ٽوڙ بل اچڻ قابل مذمت ۽ ڳڻتي جوڳا آھن.موجوده نگران حڪومت کي ان معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺڻ گھرجي.اهڙن خيالن جواظهار هن گھاري ۾ پارٽي ڪارڪنن سان تعزيتون ۽ ملاقاتن بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جو عوام بجلي معاملي تي انتھائي پريشان ٿي روڊن تي آھي. آدمشماري مڪمل طور تي تڪراري بڻيل آھي ان صورت ۾ نيون تڪبنديون ڪرڻ بدران ملڪ ۾ آئين موجب 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائي اقتدار عوامي نمائندن حوالي ڪيووڃي. ٺٽي ضلعي جي مختلف شاخن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ بابت شڪايتون آهن.آبپاشي کاتي کي ان معاملي جو نوٽيس وٺي شاخن ۾ پاڻي ڏيئي آبادگارن کي نقصان کان بچايو وڃي.ان کان اڳ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو پنھنجي اڳوڻي تڪ ميرپور ساڪرو جو دورو ڪيو ۽ ڪڪڙانڊ ۾ مير ممتاز رند ۽ وحيد رند سان مير روزي خان رند جي وڇوڙي تي تعزيت ڪندي ڏک جو اظھار پڻ ڪيو.ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ عثمان ڪنڀر، فاروق پليجو، وحيد عارفاڻي، اشرف سمون، مير ممتاز رند، تنوير حيدر، گلزار احمد، فيض احمد ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.