ڪراچي (رپورٽر جماعت اسلامي ڪراچي جي ) امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته هو قانون هٿ ۾ کڻڻ نٿا چاهيون پر ڪنهن کي به بجلي بند ڪرڻ نه ڏينداسين.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي جي واپاري مرڪز صدر جي ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۾ واپارين پاران ڪي اليڪٽرڪ خلاف جاري احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو.حافظ نعيم چيو ته مهانگائي ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف هر طرف احتجاج ڪيو پيو وڃي. حڪمران اسان جي ڏکن ۽ تڪليفن کي نٿا سمجهن، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ساڍا ٽي ڪروڙ عوام تي جانور بڻائي ڇڏيو ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او عوام کي ڌمڪيون ڏئي بي عزتي ڪئي آهي.حافظ نعيم چيو ته هو قانون هٿ ۾ کڻڻ نٿا چاهين پر ڪنهن کي به بجلي نه ڪٽڻ ڏينداسين. ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي عوام ۽ قومي خزاني تي ناسور آهي.