ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، تعليمي سال شروع ٿيڻ وارو آهي، پر ڪراچي کان ڪشمور تائين سرڪاري اسڪولن ۾ لکين شاگردن کي حڪومت پاران مفت ۾ مهيا ڪيل درسي ڪتاب نه ملي سگهيا آهن.سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگرد اسڪول ته وڃن ٿا پر نصابي ڪتاب نه ملڻ سبب سخت پريشانين جو شڪار آهن.ڪتابن جي بحران تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل پٺاڻ جيو نيوز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪتابن جي کوٽ بابت انڪشاف ڪيو آهي ته بورڊ 41 لک ڪتابن جي سيٽس لاءِ سوا ٻه ارب رپين جو ٽينڊر ڪيو هو جنهن مان 30 لک سيٽس ملي سگهيا،سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل پٺاڻ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي اڳوڻي انتظاميا ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کي ڪتابن جي بحران جو ذميوار قرار ڏنو آهي.هن دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن حڪومت ايمرجنسي بنيادن تي رقم ڏئي ته 15 کان 20 ڏينهن ۾ هنگامي بنيادن تي ٽينڊرز لڳائي شارٽ فال پورو ڪري سگهجي ٿو.