لاڙڪاڻو(ڊ ر)سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آئين ۾ واضع آهي ته چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿينديون ان لاءِ پيپلز پارٽي جي سي اي سي جو اجلاس ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيو جنهن ۾ طئي ٿيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 29 آگسٽ تي اليڪشن ڪميشن ڏانهن وفد موڪليندو ۽ موقف کان آگاهه ڪندو جنهن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر لاهور ۾ سي اي سي جو اجلاس ڪوٺايو ويندو. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پنهنجي وڏ وزرات جا پنج سال مڪمل ڪرڻ بعد شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ اندر جمهوريت تي يقين رکندڙ جماعتن سان ڪجهه حدن تي چونڊ اتحاد ٿي سگهي ٿو هن چيو ته راڻي پور واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اهو تاثر غلط آهي ته اسان ڪجهه به ناهي ڪيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تحت پارٽي جا مقامي اڳواڻ، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز متاثرن جي وارثن سان ملاقاتون ڪري ساٿ جي خاطري ڪرائي ۽ اسان به وارثن سان گڏ آهيون. جنهن وقت واقعو ٿيو ان وقت مان وڏي وزير جي عهدي تي هيس ۽ پوليس کي واضع هدايتون ڏنيون ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي ڪنهن کي به بخش نه ڪيو وڃي، ان وقت ڪوتاهي ڪندڙ ايس ايڇ او ۽ ڊاڪٽر کي پڻ گرفتار ڪرايو ويو. هن چيو ته ملڪ ۾ بحران آهي. اوهان اهو وقت ياد ڪريو جڏهن بجلي ۽ تيل جون قيمتون وڌي رهيون هيون ته عمران حڪومت ويندي ويندي پيٽرول جون قيمتون گهٽائي ملڪ کي وڌيڪ بحران ۾ وجهي ڇڏيو جنهن جا اثر اڄ به معيشت تي اثر انداز ٿي رهيا آهن. هاڻي به معيشت جي بحالي جو حل ان ۾ آهي ته چونڊيل حڪومت اچي ۽ اهي ئي عوام جو ڏک سمجهي سگهندي. هن چيو ته اسان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان سنڌ حڪومت جا 5 سال مڪمل ڪري ورتا آهن جنهن تي پارٽي قيادت، ورڪرن ۽ سنڌ جي عوام جا شڪر گذار آهيون چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي هن ملڪ جو وزيراعظم بڻائينداسين. ان کان اڳ سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي اڳوڻي صوبائي وزيرن سيد ناصر شاهه، ڄام خان شورو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏجي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻو صوبائي وزير سهيل انور سيال، سيد ناصر حسين شاھ، ڄام خان شورو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.