نئون ڳوٺ (رپوررٽ:شمشاد علي ساھڙ) نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ قائم شاھ ۾ سيد برادري جي ٻن ڌرين سيد مٺل شاھ ۽ سيد ممتاز علي وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، 3 زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ھڪ ڌر جا ٽي ڄڻا سيد حاڪم شاھ، سيد منظور شاھ ۽ سيد ممتاز شاھ ۽ ٻي ڌر جو سيد راشد شاھ زخمي ٿي پيا، زخمين کي راڌڻ ٿاڻي تي آندو ويو جتان پوليس کين ليٽر ڏئي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سيد حاڪم علي شاھ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، مقتول جي ڀاءُ سيد منظور علي شاھ جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي پوليس مقتول حاڪم شاھ جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته ڌريون پاڻ ۾ ويجھا عزيز ۽ ھڪ ئي ڳوٺ ھجڻ ڪري ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي، راڌڻ پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن گھرن تي ڇاپو ھڻي جوابدار سيد ماڪن شاھ ۽ سيد ممتاز شاھ سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.