ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي طرفان سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جماعت اسلامي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري مجاھد چنا ميڊيا کي بريفنگ ۾ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ، بدامني، نياڻين سان جنسي درندگي، قبيلائي جهيڙن ،ڀنگ لاءِ وڌندڙ وارداتن امن تباهه ۽ عوام جي زندگي زھر بڻائي ڇڏي آھي، حڪومت شھرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي، ان ظلم خلاف عوام مسلسل احتجاج ڪري پيو پر حڪومت ۽ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آھن، لوفر ۽ ڌاڙيل انھن کان ھر گز لُڪل ڪونه آھن اهي پنھنجي سچائي تي اچن ته ڏوھن جو خاتمو ڪري سنڌ ۾ امن قائم ڪري سگهن ٿا ھن وقت به ڪشمور ،ڪنڌڪوٽ ، گهوٽڪي ،شڪارپور سميت سنڌ بدامني جي آڙاهه ۾ ٻري رھي آھي، عوام کي پنهنجي سنڌ ۽ ٻچن جي بهتر مستقبل لا سجاڳ ٿيڻو پوندو، هن چيو ته امير جماعت اسلامي سراج الحق ڪنڌ ڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ ڌرڻن کي خطاب ڪندو ۽ اهم اعلان ڪندو.