اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ پوليس جي مددگار هيلپ لائين 15 تي فون ڪري ٻارن جي 4 ڏينهن کان بکايل هجڻ جي اطلاع ڏني.پوليس موجب عورت 15 تي فون ڪري ٻڌايو ته معصوم ٻار 4 ڏينهن کان بکايل آهن، دوڪاندار ۽ پاڙيوارا به راشن نه پيا ڏين. اهڙي اطلاع لاڳاپيل ٿاڻي جي اهلڪارن کي ڏني وئي جنهن تي پوليس اهلڪارن طرفان ضرورتمند عورت جي گهر راشن پهچايو ويو.پوليس موجب شمس ٿاڻي واري علائقي ايڇ 13 ۾ عورت جي گهر ڀاتين کي اٽو، کنڊ، چانور ۽ گيهه وغيره پهچايو ويو آهي. عورت جا 5 ٻار آهن سندس مڙس پرڏيهه مان بيروزگار ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان واپس پهتو آهي.ياد رهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو آهي، ٻئي طرف طرف بجلي جي بلن ۾ واڌ تي عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي.