ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر صوبي ۾ مليريا جي وڌندڙ ڪيسن جو نوٽيس ورتو.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جسٽس(ر) مقبول باقر هدايت ڪئي آهي ته هڪ هفتي اندر مليريا تي ضابطو آندو وڃي.مقبول باقر جو چوڻ آهي ته مليريا جا وڌيڪ ڪيس حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنن مان سامهون اچي رهيا آهن، صحت کاتي ۽ لوڪل گورنمينٽ کاتي کي متاثر ڊويزنن ۾ ضروري قدم کڻڻ گهرجن.ترجمان چيو ته نگران وڏي وزير مقبول باقر صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته مليريا خلاف مهم هلائي وڃي ۽ سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ مليريا جي دوائن ۽ وارڊن جا انتظام ڪيا وڃن.مقبول باقر هدايتون ڏيندي چيو ته سنڌ جو لوڪل گورنمينٽ کاتو انهن علائقن ۾ مڇر مار اسپري شروع ڪري سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ صفائي سٿرائي جا انتظام بهتر ڪري.