ڪشمور (رپورٽ: دليپ ڪيسواڻي)ڪشمور مان 20 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ھندو نوجوان ساگر ڪمار جي ڌاڙيلن پاران تشدد واري ويڊيو ٺاهي وائرل ڪري ڇڏي، 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو، نوجوان مٿان ٿيندڙ تشدد ۽ ڀنگ جي مطالبي بعد ھندو پنچائت احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمور ٿاڻي جو ايس ايڇ او ليمون خان لاشاري کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وڊيو ۾ مغوي ساگر ڪمار ويڊيو ۾ پنهنجي والد ۽ ڀائرن کي ڌاڙيلن طرفان مطالبو ڪيل ڀنگ جي رقم ڀرڻ لاءِ ايلاز ڪيا، ھندو پنچائت جي پنجو رام نانڪ رام لنڊ، پريتم راماڻي، پرڪاش ڪمار ڊاڪٽر سڀاش ڪمار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور پوليس مغوي ساگر ڪمار سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي ڪشمور مان ساگر ڪمار،گڊو مان ڊاڪٽر منير نائچ، بخشاپور بڊاڻي مان مکي جگديش ڪمار، نينگر جئديپ، آديش ڪمار ھن وقت تائين ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل آهن ڪشمور ٿاڻي جو ايس ايڇ او مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي، مغوي جي وارثن چيو ته ايترا پئسا ڪٿان آڻيون، ٻچڙي جي حياتي کي خطرو آهي، ساگر ڪمار کي بازياب ڪرايو وڃي.