مون کي لڳي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿينديون: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد(رپورٽر)پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن نه ٿيندي.حيدرآباد ۾ ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته تڪبندين ۽ مردم شماري جو نئون پنڊورا باڪس کوليو ويو آهي،پيپلز  پارٽي کي آدمشماري تي تحفظات آهن.هن چيو ته هتي ڪجهه وقت اڳ هڪ حڪومت ختم ٿي، جيڪا حڪومت ختم ٿي ان کي خراب چوڻ جو قائل ناهيان، جڏهن سٺي ڳالهه ايندي آهي ته ماڻهو بينظير کي ياد ڪندا آهن.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته اسان کي خاندان تي نه وڃڻ گهرجي ۽ نه ئي گاريون ڏيڻ گهرجن، هاڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جا سمورا شينهن هڪ هڪ ڪري ڇڏي رهيا آهن ۽ ڪيترائي مشهور شينهن هليا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.