اسلام آباد(م ڊ) نيشنل هاءِ وي اٿارٽي موٽر وي جي ٽول ٽيڪس ۾ واڌ ڪري ڇڏي.اختيارين موجب واڌ کانپوءِ هاڻي لاهور کان/ اسلام آباد ويندڙ گاڏين کي 1100 رپيا ادا ڪرڻا پوندا.اختيارين جو چوڻ آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي هر گاڏي کان 3 رپيا 7 پئسا في ڪلوميٽر وصول ڪندي.اختيارين موجب هاءِ وي تي ويندڙ مسافر وين کان 2590 رپيا وصول ڪيا ويندا، جڏهن ته مسافر بسن کان 10.29 پئسا في ڪلوميٽر جي حساب سان 3690 رپيا وصول ڪيا ويندا،جڏهن ته هر ٽرڪ کان 17.22 رپيا في ڪلوميٽر وصول ڪيا وينداٽول ٽيڪس ۾ واڌ باضابطه طور تي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ڪليڪشن بوٿن ٻاهر بينر لڳايا ويا آهن.