لاهور(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته بجلي رليف جي حد 200 يونٽن مان وڌائي 300 يونٽ ڪئي وڃي. ان لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪيو وڃي،ان وقت، جيڪڏهن اها رعايت سال ۾ ڪنهن هڪ مهيني ۾ 200 کان وڌي وڃي ته پوءِ سڄي سال لاءِ رعايت ختم ٿي ويندي آهي، اها رعايت مهيني جي بنياد تي فراهم ڪئي وڃي، هن چيو ته آزاد ڪشمير، فاٽا، بلوچستان مان 200 ارب کان وڌيڪ لاڳت جي بجلي جي ريڪوري ناهي ٿي،سڄي ملڪ ۾ 650 ارب کان وڌيڪ بجلي چوري ٿئي ٿي، وڏن شهرن جي بازارن ۾ 70/80 سيڪڙو بجلي چوري ٿيندي آهي. اهو بار عام استعمال ڪندڙ تي پوي ٿو،17گريڊ کان مٿي جي سمورن سرڪاري ادارن ۾ مفت بجلي جي رعايت ختم ڪئي وڃي، هن چيو ته هن وقت وفاقي حڪومت پاور سيڪٽر کي 900 بلين کان وڌيڪ ادا ڪري ٿي ته جيئن سبسڊي جي چوري، گهٽ ادائگي ۽ وڏي نقصان کي پورو ڪري سگهجي. اها رقم عام صارفن کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي.