بجلي بلن سبب ڪاروبار مشڪل ٿي ويو آهي: اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس جي صدر احسن بختاوري جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال ۾ مهانگائي سبب ڪاروبار  ڪرڻ ممڪن ناهي.احسن بختاوري بجلي جي بلن ۾ واڌ تي بيان ڏيندي چيو ته بجلي جي بلن جو معاملو ڪاروبار، معيشت ۽ صارفن لاءِ سنگين صورتحال بڻجي ويو آهي، بجلي جي موجوده قيمت عالمي مارڪيٽ جو مقابلو نٿي ڪري سگهي.هن اهو به چيو ته عوام ۽ واپاري برادري روڊن تي آهي پر ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو پيو وڃي، حڪومت فوري طور تي نظام ۾ انقلابي سڌارا آڻي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.