بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ بڊاڻي کان ڪنڌڪوٽ تائين ريلي،ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ/بڊاڻي ( رپورٽ ممتازسنڌي+مقبول مڙل) ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاءِ ايس يو پي پاران بڊاڻي کان ڪنڌڪوٽ تائين مارچتفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ بڊاڻي  مان اٽڪل اڍائي مھينا اڳ اغوا ٿيل بڊاڻي ھندو پنچائت جي مکي جڳديش ڪمار، معصوم جئديپ ڪمار ،معصوم آديش ڪمار ،ساگر ڪمار، گڊو اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر منير نائچ سميت مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران بڊاڻي شھر کان سوين موٽرسائيڪلن تي دلمراد ڏاھاڻي، شاھنواز مرهيٽو، ڇوٽو جکراڻي، غلام علي سبزوئي، فضل سبزوئي مظهر چاچڙ، سماجي اڳواڻ سيد دانش شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ امن مارچ ڪيو ويو 33 ڪلوميٽر امن مارچ بعد ڪنڌڪوٽ باءِ پاس کان سوين ڪارڪنن ۽ شھرين 2 ڪلوميٽر پيادل احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب پھتا جتي امن امان جي بحالي، مغوين جي بازيابي، ھندو برادري کي تحفظ ڏيڻ لاءِ نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي اسان جي ضلعي ۾ بدامني عروج تي آهي پر ڪاروباري طبقو ھندو برادري به نشاني تي آهي 50 ڏينهن کان وٺي مکي جڳديش ڪمار، معصوم جئديپ ڪمار ظالمن جي قيد ۾ آهن جن وٽ قيد آهن سڀ پوليس کي خبر آهي حڪومت کي خبر آهي پر ھنن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ٿئي نه وري مغوي بازياب ٿين پيا ھي ڌرتي ڌڻين جي خلاف سازش آهي جنهن ڪري ھندو برادري لڏپلاڻ تي مجبور آهن روزاني ھڪ يا ٻه خاندان ڌرتي کي ھميشا لاءِ ڇڏي وڃي رھيا آهن اسين امن مارچ ذريعي ميڊيا جي مدد سان نگران وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ جيڪو ظلم ٿي رھيو آهي انھي جو نوٽيس وٺي سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي،ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.