ڪراچي (رپورٽر) سينٽرل جيل ۾ موجود دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9مئي جي واقعن ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ضمانت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ٽيپو سلطان ٿاڻي جي ڪيس ۾ فردوس شميم نقوي سميت ٻن جوابدارن جي هڪ هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، ٻين جوابدارن جي ضمانت تي عدالت کي اعتراض آهي ته پهرين درخواستن جو معاملو حل ڪرايون ان کانپوءِ ضمانت درخواستن تي فيصلو ٻڌايو ويندو.